بدر سميجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نوجوان ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ پ پ اڳواڻ، بدر سميجو 2 جولاءِ 1971ع تي پني عاقل ۾ پئدا ٿيو. سندس والد علي محمد خان سميجو زمينداري ڪِرت سان وابسته آهي.

تعليم[سنواريو]

بدر سميجي 1997ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزي ادب ۾ ايم. اي ۽ 2003ع ۾ ايس. ايم. لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي ڪئي.

ادبي خدمتون[سنواريو]

شروع کان ئي کيس ڏيهي توڙي پرڏيهي ادب سان دلچسپي رهي. سندس لکيل ڊراما پڻ سنڌي ۽ اردو چئنلن تان نشر ٿيا آهن. جن ۾ ’هم ٽي وي‘ تان ’هزار داستان‘ جي سري هيٺ سولو پلي مشهور رهيا. ان کان علاوه سنڌ ٽي. وي تان سندن ميزباني ۾ ’دي ليجنڊ‘ پروگرام پڻ نشر ٿيو. جنهن ۾ هن سنڌ جي اهم شخصيتن جا انٽرويو ڪيا. ادب ۽ سياست جا موضوع سندس پسند ۾ شامل آهن، ان کان علاوه مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪالم پڻ لکندو رهيو آهي. تازو 2009ع ۾ سندس ڪتاب ”بين الاقوامي سياست ۾ امن جو سوال“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي.

ٻيون سرگرميون[سنواريو]

بدر سميجو تازو ئي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو آهي ۽ هن وقت ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهي. سندس رهائش پنوعاقل ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]