بدخشان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بَدَخشان افغانستان جي اُتر ۾ هڪ پرڳڻو، جيڪو ياقوتن ۽ لعلن جي ڪري مشهور آهي. فيض آباد ان جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اُن جي اُوڀر ۽ اتر ۾ تاجڪستان ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ پاڪستان آهي. هن ۾ دامان به شامل آهي، جيڪو چين جي صوبي سنڪيانگ تائين وڃي ٿو.

مشھوري[سنواريو]

ھي پهاڙي علائقو آهي ۽ معدنيات جي لاءِ مشهور آهن، جهڙوڪ سون، لوهه، لاجورد ۽ گندرف وغيره. هتي جون لَعلُون ۽ ياقوت سڀ کان وڌيڪ لاجواب آهن. زرعي پيداوار کان علاوه اُن ۽ کَلون به هتي جي پيداوار ۾ شامل آهن. هتي پستا به پيدا ٿين ٿا. هتي ريشم جا ڪينئان پالي ريشم به حاصل ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي شاعرن بدخشان جي سرخ لعلن جو پنهنجن شعرن ۾ ذڪر ڪيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]