بخش علي جتوئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فقير بخش علي پٽ مراد علي جتوئيءَ، ڳوٺ ٿرڙي ڇُٽي واري، تعلقي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. سال 1234ھ/ 1818ع ڌاري ڄائو. شهداڪوٽ ۾ ڪنهن بزرگ کان تعليم حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ڳڙهي مبارڪ ۾ هڪ خانگي مدرسي ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏيڻ لڳو. هيءُ عالم هئڻ سان گڏ طبابت به ڪندو هو. درازن جي درگاهه ۽ پاڳارن پيرن جو وڏو معتقد هو. سندس شعر جي هڪڙي مصرع هن طرح آهي:

”منصبدار معليٰ مسند، دوست دلبر درازي“

وفات[سنواريو]

هڪ سؤ ورهين جي ڄمار ۾ سال 1337ھ/1918ع ڌاري وڏي بيماريءَ ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]