بحر العميق (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بحر العميق هي ڪتاب سنڌ جي صوفي شاعر سيد چيزل شاهه قادر يءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو حڪيم اعجاز حسين چانڊيي ترتيب ڏيئي، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن کان اڳ ”بحر العميق“ جا ٽي ڇاپا 1987ع 2001ع ۽ 2004ع ۾ ڇپجي چڪا آهن، پهريون ڇاپو فتح چند ڪنيا لعل ڪارڙا جيڪب آباد واري ڇپايو هو، ٻيو ڇاپو به انهيءَ عقيدتمند ڇپرايو هو ۽ ٽيون ڇاپو پڻ ساڳئي ئي شخص ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جڏهن ته هي چوٿون ڇاپو نئينءَ ترتيب سان سنواري سڌاري، روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران شايع ڪيو ويو آهي. هن 269 صفحن واري ڊيمي سائيز ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي، هن ڪتاب جي سر ورق تي سيد چيزل شاهه جي روشني جي تصوير ڏنل آهي، جڏهن ته اندرين صفحن ۾ سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه ۽ سيد صادق علي شاهه صوفيءَ جون رنگين تصويرون ڏنل آهن.[1]

بحر العميق (سيد چيزل شاهه صوفي القادري جو ڪلام)، سيد چيزل شاهه رح، سجاده درگاهه فتح پور، بلوچستان جي ڪلام جو هيءُ مجموعو (قافيون ۽ بيت)، هن درگاهه جي پشت به پشت معتقدن ۽ مريدن فتح چند ۽ گرڌاري لعل جيڪب آباد وارن پنهنجي مرشد سيد چيزل شاهه رح سان بيحد عقيدت جي اظهار طور 1987ع ۾ ڇاپائي پڌرو ڪيو. مرحوم سيد چيزل شاھ سنه 1984ع ۾ 72- ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. سلسلي طريقت ۾ قادري طريقي جو خانوادو آهي. کيس معرفت جي موج پنهنجي والد سيد رکيل شاهه قادري کان ملي، جيڪو شاهه عنايت الله شهيد جهوڪ واري جي سلسلي مان حضرت عبدالستار شاهه رح کان فيضياب ٿيو. سيد رکيل شاهه رح پاڻ مشهور اهل دل ۽ وڏو شاعر هو، جنهن جو ڪلام ”بحر العشق (رسالو: حضرت سيد رکيل شاهه صوفي القادري) جي نالي سان آڳاٽو ڇپيل آهي. سيد چيزل شاهه پڻ سلوڪ ۽ طريقت جي راهه واريون منزلون طيءِ ڪري الاهي انوار جو مشآهدو ماڻي چڪو هو، تنهن پنهنجي ڪيفيت ۽ تصوف جي نڪتن جي اُپٽار ۽ اظهار قافين ۽ بيتن ذريعي ڪيو، ۽ انهيءَ ڪلام جو نالو پڻ پنهنجي والد جي رسالي جي مطابقت سان ”بحر العميق“ رکيائين.

اڪثر راڳ جي محفلن ۾ سائين چيزل شاهه جو رندي ڪلام محفل کي مست ڪري ڇڏيندو هو، پر افسوس جو اهو ڪلام دستياب نه هو. ”بحر العميق“ جي ڇپجڻ سان هڪ طرف اها ڪمي پوري ٿي آهي، ته ٻئي طرف ڪلام جي مهڙ ۾ چيزل شاهه جي سوانح عمريءَ ۾ نسبتي سلسلي توڙي طريقت جي سلسلي بابت ڏنل معلومات نهايت ئي مفيد آهي. خصوصاً چيزل شاهه رح جي شاعري، حق ۽ حقيقت، روح ۽ نفس، قلب ۽ تنقيح، اسم ۽ جسم، عروج ۽ نزول، حسد ۽ لاحد، مڪان ۽ لامڪان، علم ۽ حلم، نفي ۽ اثبات، قرب ۽ بعد، اسرار ۽ مسائل ۽ ٻيا تصوف جا نڪتا، جيڪي طالبن جي طرفان پڇيا ويا ۽ سيد چيزل شاهه مرشداڻي مام ۾ سولي نموني سان سمجھايا آهن، سي سالڪن ۽ طالبن جي لاءِ چڻ ته راهه هدايت آهن.

سائين چيزل شاهه جو ڪلام روايتي انداز سان جدا جدا سُرن ۽ راڳڻين جي عنوانن هيٺ ورڇيل آهي، سندس ڪلام ۾ هيٺين راڳڻين تي ڪلام شامل آهي: شام ڪلياڻ، تلنگ، پيلو، ضلعو، ڪلنگڙو، ڀيروي، جوڳ، ڪونسيو، سهڻي، ڪوهياري، بلاولي، راڻو، سورٺ، لوڙائو، مانجھ، پهاڙي، آسا، صبوحي، ٽوڙي، ڌناسري ۽ بسنت. انهن راڳڻين هيٺ جملي 188 قافيون شامل آهن. ان کان سواءِ مختلف عنوانن هيٺ 70 بيت به شامل آهن، جن ۾ هڪ ٽيهه اکري به آيل آهي.

البت قافين جي فهرست مناسب طريقي سان نه ڏني وئي آهي. هيءُ ديوان ڪونهي جنهن جي نموني سان الف- ب وار ترتيب سان قافيون نروار ڪجن. جيئن ڪتاب ۾ قافيون راڳڻين جي عنوان سان ڇپيل آهن، انهيءَ سلسلي سان فهرست رکجي ها ته بهتر ٿئي ها.

مجموعي طور سان ”بحر العميق“ پنهنجي ڪلام، سوانح عمري، شاعري ۽ فرمودات (تصوف جي نڪتن جي اُپٽار، مڪالمي جي انداز ۾) جي مواد سان سنڌي ادب ۾ هڪ قابل قدر ۽ سهڻو اضافو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%AD%D8%B1%20%D8%A7%D9%84%D8%B9%D9%85%D9%8A%D9%82
  2. تبصرا: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيمھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو