بحث:961ع

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سائين جي ايم سيد جو حيدر منزل، سائين زين شاھ، سائين جلال شاھ ۽ اصل حقيقتون! _سارنگ لطيف شورو[سنواريو]

حيدر منزل جي اهميت سنڌ اڳيان سنڌي قوم اڳيان تاريخ اڳيان ڇا آهي ان تي تقريبن سڄي سنڌ جا سنجيده دوست ڪافي لکي ۽ ڳالهائي ويا آهن ان تي آئون سمجهان ٿو وڌيڪ ڳالهائڻ ۽ جي ضرورت ناهي.

هتي آئون اوهان کي ڪجهہ سيدن جي جذبن غيرتن جا حوالا ڏئي حيدر منزل جي وڪري واري عمل ڏانهن ايندس، مراد علي شاھ (وزير اعليٰ سنڌ) ۽ زين شاھ ٻئي پاڻ ۾ سنڊو آهن. مراد شاھ 2013ع (ٻھ هزار تيرنهن) واري اليڪشن ۾ چونڊجي اچڻ کان پوءِ ڪينيڊا جي شهريت رکڻ سبب نااهل ٿيو. ان تڪ تي ٻيهر اليڪشن ٿي سڄي سنڌ کي خبر آهي ته ضلعي ڄامشوري ۾ ٽي مضبوط سياسي اڳواڻ آهن هڪ سائين جلال شاھ سندس پارٽي ايس يو پي، ٻيو پيپلزپارٽي جو ملڪ اسد سڪندر ۽ مراد علي شاھ، بهرحال ملڪ اسد مراد شاھ ٻئي هڪ ئي پارٽي جا آهن. ان ڪري مقابلي ۾ صرف ايس يو پي جو اميدوار روشن ٻرڙو هو، اليڪش جي مهم هلي ڪافي ڳوٺن ۾ فساد ٿيا، ڀان لڳ ڪنهن ڳوٺ ۾ ته سڌيون گوليون به هليون.

پو خبر ناهي رات جي پيٽ جي اوٽ وٺي ڪيئن ڊيلون ٿيون روشن ٻرڙو جلال شاھ جي چوڻ تي مراد شاھ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو سموري ضلعي ڄامشوري جي اندر اهي به افوائون هليون پي ته سيدن پاڻ ۾ نئي مائٽي ڪئي آهي پُٽن نياڻين جا رشتا ڪيا آهن بهرحال اهو هنن جو ذاتي معاملو آهي هتي ان اليڪشن جو ذڪر ڪرڻ صرف سيدن جي پاڻ ۾ ويجهڙائپ کي ظاهر ڪرڻ آهي.

انهن ئي ڏينهن ۾ نواب شاھ ۾ زرداري هائوس تي پيپلز پارٽي جي ڪا مرڪزي ميٽنگ هئي مٽيگ اٽينڊ ڪري مراد شاھ ڊنر جي دعوت تي پنهنجي سنڊو زين شاھ جي بنگلي تي ويو(جيڪو زرداري هائوس جي لڳ آهي) ڳالهين ڳالهين ۾ مراد شاھ زين کي چئي ڏنو زرداري صاحب چئي ٿو زين شاھ جيڪڏهن هي بنگلو وڪڻي ته آئون سندن مرضي موجب رقم ڏيڻ لاء تيار آهيان.

جنهن تي زين شاھ ڪاوڙ ۾ باه ٿي ويو فوري طور مراد شاھ کي چئي ڏنائين سيد صاحب زرداري صاحب کي چئجو اسان وڪڻڻ سکيا ئي ناهيون اهو اوهان جو وڙ آهي ڌرتي کان ويندي غريب ماڻهن جون ملڪيون وڪڻڻ ٻيو ته هي بنگلو منهنجي والد محترم امداد محمود شاھ جي نشاني آهي هن سان مونکي بي انتها محبت آهي وڪڻڻ جو سوچي به نٿو سگهان هاڻ اوهان اندازو لڳايو ته زين شاھ پنهنجي والد جي ملڪيت بنگلي سان محبت ۾. ڪهي آيل مهمان جي تذليل ڪرڻ جي حد تائين قدم کڻي ويو، ان ساڳي شخص جي غيرت ۽ جنون کي ان وقت ڇا ٿي ويو، ڪهڙو راڪاس گهمي ويو، جو سندن ڏاڏي سنڌ جي روح. سائين جي ايم سيد جو گھر حيدر منزل وڪڻيو پئجي ويو، هو خاموش تماشائين وانگر مزو ڏسندو رهيو.

هاڻ اچون ٿا پاڻ پنهنجي اصل موضوع حيدر منزل جي وڪري تي سال 2014ع ۾ سائين امير حيدر شاھ، جلال شاھ کي چيو حيدر منزل جي مٿي حصي تي ڀلي تون رهہ هيٺين حصي تي منهنجي نياڻي پنهنجي فيملي سميت رهندي.

ڪجهہ وقت لاءِ ته جلال شاھ اهو فيصلو قبول ڪيو پر وڏا ماڻهو هڪ ئي گهر ۾ ٻه فيمليون ڪيئن رهن، اهڙي ماحول کان تنگ اچي نيٺ جلال شاھ سائين امير حيدر شاھ کي چيو اوهان حيدر منزل رکو مونکي پنهنجو حصو ڏيو، يان آئون حيدر منزل رکان ٿو اوهان مونکان پنهنجو وٺو.

جنهن تي سائين امير چيو تون سياسي اڳواڻ آهين. بابا (سائين جي ايم سيد) جي سياست جو مرڪز به حيدرمنزل آهي، تنهن ڪري حيدرمنزل تون رک مونکي پنهنجو حصو ڏي، سيد برداري جا چڱا آيا، حيدر منزل جي نبير 12 ڪروڙن ۾ ڪيائون. جلال شاھ سائين امير حیدر کي 6 ڪروڙ ٽن مهينن جي اندر ڏيڻا ڪيا، سائين امير برادري جي چڱن مڙسن اڳيان چيو؛ آئون بابا جي سياسي اوطاق کي آباد ڪرڻ جي ڪري، جلال شاھ کي 2 ڪروڙ ٻيا به ڇڏيان ٿو. باقي چار ڪروڙ ۾ جلال شاھ سئو ايڪڙ زمين سائين امير حيدر شاھ کي ڏني، جيڪا زمين باد ۾ سائين امير حيدر شاھ چار لک روپيا في ايڪڙ جي حساب سان کپائي، انهن پئسن مان پنهنجي نياڻي کي ڪراچي ۾ بنگلو وٺي ڏنائين.

هاڻ جيڪي دوست چون ٿا خانداني حصي پتي تي فسادن جي ڪري، حيدر منزل سائين جلال شاھ وڪرو ڪئي آهي. انهن کي واضح ڪري ٻڌايندو هلان ته 2014ع جي ان فيصلي کان پوءِ حيدر منزل جلال شاھ جي حوالي آهي.

ٻيو اسان وٽ وڏو الميو اهو به آهي ته ذاتي يارن ۽ عقيدن جي اڳڙين ۾ جلد اٽڪي پوندا آهيون. مون مهر ڊبائي جهڙا درٻاري شاعر به ڏٺا جن هن سانحي تي جلال شاھ، زين شاھ کي نندڻ بجائي ڀاھ پاڻي جا دليل ڏئي اڻسدي طرح حمايت پي ڪئي.

ڪجهہ اهڙا به دوست هئا جن چيو پي سائين جلال شاھ معاشي حوالي سان ڪافي پوئتي آهي تنهن ڪري مجبوري مان حيدر منزل وڪرو ڪيائين. انهن دوستن کي ٻڌائیندو هلان ته سائين ڪڏهن کان معاشي حوالي سان پوئتي ٿيو سائين اليڪشن ۾ ڪھڙا ڪروڙ لٽايا جو معاشي حوالي سان پوئتي ٿي ويو.

امداد شاھ جي پٽن وٽ جيڪا ملڪيت آهي، جنهن جي مونکي خبر آهي اها اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته هنن وٽ قل ست بنگلا آهن؛ هڪ مجيد ڪيريو ۾، هڪ نواب شاھ ۾، ٽي سن ۾، هڪ ڄامشورو ۾، ٻہ ڪراچي ۾، هڪ حيدر منزل، ٻيو زين شاھ جو بنگلو. مهراڻ يونيورسٽي، سنڌ ورسٽي جي پاسي سان ڪروڙين روپين جا پلاٽ صرف جلال شاھ وٽ آهن. زين شاھ وٽ الڳ، ڊاڪٽر ضياءَ وٽ الڳ، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ ڪروڙين روپين جا پلاٽ آهن. سيد سڳورن وٽ جلال شاھ وٽ ٽوٽل زمين 37سئو ايڪڙ آهي. زين شاھ وٽ لڳ ڀڳ ٽي هزار ايڪڙ. ڊاڪٽر ضياءَ وٽ تقريبن هزار ايڪڙ آهي. جلال شاھ وٽ کجين جا باغ آهن، زين شاھ وٽ انبن زيتونن جا پنج ست باغ آهن. جلال شاھ وٽ ڪريش جا پلانٽ ۽ ريتي جا دڪان به آهن. ضياءَ شاھ آمريڪا ۾ ڊاڪٽر آهي، اتان جي ڪمائي کان اوهين سڀ دوست يقينن واقف هوندؤ. ان کان علاوا شيس(شاھ حيدر ايجوڪيشن سول سوسائيٽي) جي نالي تي هر مهيني ڪروڙين روپين جا فنڊ ملندا آهن. علم دوست ۽ انسان دوست ادارن کان!

هاڻ اوهان پاڻ ٻڌايو ڇا واقعي ئي جلال شاھ وٽ ايتري ملڪيت هوندي به غربت آهي؟ يقينن نه! آخر پو حيدر منزل ڇو وڪرو ڪيائين؟؟

ڊسمبر جي مهيني ۾ جلال شاھ ۽ زين شاھ جي پٽن جي شادي آهي پٽن فرمائش ڪئي بابا ڪراچي ڪلفٽن ۾ بنگلو وٺي ڏيو، عظيم پيئرن پٽن جي ماڻن کي مان ڏيندي، حيدر منزل جا پئسا ڪراچي ڪلفٽن ۾ سيڙائي پٽن جي فرمائش پوري ڪئي. اوهان ۽ اسان جا روح زخمي ڪيا.

اتي ھڪڙو ٻيو به سوال پيدا ٿو ٿئي جيڪڏهن همراه معاشي طور پوئتي هئا ته پوءِ ڪراچي ڪلفٽن ۾ پٽن کي 24 ڪروڙ 71 لکن ۾ ڪيئن بنگلو وٺي ڏنائون.؟؟

ڳالهہ کي کٽائيندي واضح طور اوهان سڀني دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته نوجوان پُٽن عظيم پيرئن کي حيدر منزل وڪرو ڪرڻ تي مجبور ڪيو نہ تہ ڪڏهن به اوهان ۽ اسان جي دلين سان نه کيڏن ها....! ذوالفقار دولتانی (ڳالھ) 01:09, 16 جُولاءِ 2019 (UTC)