بحث:مورو

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

موري جي تصوير[سنواريو]

مورو جي ڪا سٺي تصوير رکڻ گھرجي. Aursani 10:28, 8 September 2006 (UTC)

سنڌ جي دل؟[سنواريو]

مورو سنڌ جي دل آھي. ان جو مناسب حوالو ڏيڻ ضروري آھي. نھ تھ اھا سٽ مٽائڻ بھتر ٿيندو. Aursani 10:30, 8 September 2006 (UTC)

سنڌ جو نقشو[سنواريو]

سنڌ جو نقشو اڳي ئي وڪيپيڊيا تي موجود آھي. اھو وڏو، سٺو، چٽو، ۽ سنڌيءَ ۾ آھي. تنھنڪري ان جو لنڪ رکڻ ئي بھتر ٿيندو. Aursani 10:34, 8 September 2006 (UTC)


تصوير، مورو سنڌ جي دل


مورو، سنڌ جي دل آهي، اهو حوالو ڇپيل صورت ۾ هجي ان جي مون کي ڄاڻ نه آهي، باقي عام طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اهو حوالو رهڻ ڏجي ته بهتر، ڪوشش ڪبي ته اهڙو حوالو ملي پوي، جيڪڏهن شايع ٿيل صورت ۾ ملي ته پوءِ اهڙو حوالو ڪيئن ڏجي؟ (Alixafar 14:32, 9 September 2006 (UTC))

حوالا ڪيئن ڏجن[سنواريو]

‏‏مون حوالو ڏيڻ جو طريقو مثال طور ڄاڻائي ڇڏيو آھي. انگريزيءَ ۾ ان کي سُپر اسڪرپٽ چئبو آھي. مطلب تھ مٿي لکيل 1 جو انگ سپر اسڪرپٽ ۾ لکيل آھي. ان جو متعلقھ حوالو ھيٺ حوالن جي سرخيءَ ھيٺ 1 نمبر تي ھڻڻ گھرجي. جيڪڏھن سنڌيءَ جي جاگرافيءَ جي ڪتاب ۾ اھڙو ذڪر آھي تھ مورو جاگريافيائي لحاظ سان سنڌ جي وچ ۾ آھي تھ مھرباني ڪري ان جو صفحو نمبر پڻ لکندا. نھ تھ ڪو ٻيو مناسب حوالو ڏيندا. Aursani 12:38, 10 September 2006 (UTC)

حوالو نمبر 2 !![سنواريو]

حوالو نمبر 2 ڇا لاءِ استعمال ٿيو آھي؟ مھرباني ڪري ان جي نشاندھي ٽيڪسٽ ۾ ڪندا. Aursani 12:47, 10 September 2006 (UTC)