بجار جوکيو ۽ راڻو ارجن
جوکيا اصل شاهه بلاول جي ڀرسان ڪنگور جي علائقي جا هئا. پوءِ ملير ۾ اچي ٺڪاڻو ڪيائون. انهن مان بجار وڏيءَ همت وارو ساماڻو ۽ وڃي ٺٽي ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي نواب شيخ شڪرالله وٽ ملازم ٿيو. ان وقت ميرپور ساڪري ۾ ٻُهارن کان اولهه ۾ راڻو ارجن ڌاريجو راڄ ڪندو هو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺٽي جي نواب، شيخ شڪرالله کي راڻي ارجن کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ٺٽي وارو ڀاڱو ميان نورمحمد ڪلهوڙي کي مليو ته نئين حڪومت اڳئين دؤر جي سردارن کي مڃائڻ لاءِ ملير جي ڪرمتي بلوچ سردارن تي لشڪر چاڙهيو ته جيئن ڪرمتي هيڻا ٿين ۽ راڻي جو زور به ڀڄي. ملير ۾ ڪرمتين جو سردار ”ملڪ طوطا“ هو. ملير تي خدا آباد طرفان موڪليل لشڪر جو حملو به ٿي چڪو هو. بجار، دانائي ڪري ملڪ طوطا وٽ لنگهي ويو ۽ چيائينس ته مون تي ميان حاڪم جو بار آهي، انهيءَ ڪري آءٌ راڻي تي حملو ڪندس. اوهان راڻي جي پاران ٻيو ڪو قدم نه کڻجو ۽ نڪي سندس مدد ڪجو. ملڪ طوطا، اها ڳالهه مڃي. هوڏانهن راڻي ۽ سندس ماسات رحمت الله ”مُلين پوٽي“ کي جڏهن ڄام ڪريم داد جو پيغام پهتو، ته هنن پرواهه ڪانه ڪئي، جو ڀانيائون ته جڏهن ملڪ طوطا اسان جو ڀرجهلو آهي ته بجار ڇا ڪندو؟ ٻئي طرف ساڪري طرف وارا ڪرمتي راڻي کي وڌيڪ ويجها هئا، تن کي جڏهن خبر پئي، ته راڻي تي حملو ٿيڻ وارو آهي. تڏهن هنن پاڻ ۾ مصلحت ڪئي. هنن سردارن پنهنجا ٻه وزير سڏيا. هڪ عيسب، جو بگهياڙ جي پاڙي مان مک هو، جيڪو پوءِ مڪليءَ واري جنگ ۾ ماريو ويو ۽ ٻيو ڪيڪو، جيڪو هديهه پاڙي مان مک هو. هنن راءِ ڏني ته اسين ساڪري واري راڻي جا ويجها پاڙيسري آهيون ۽ اصل کان وٺي راڻي سان ڀيڙا آهيون. اسين هر حال ۾ راڻي جي مدد ڪنداسين. پر نوتڪ اها ڳالهه قبول نه ڪئي، جو بجار سان سندس دوستي هئي ۽ بجار ان کي پنهنجي پاسي ڪري ڇڏيو هو. سو بجار جي طرفان وڙهيو هو. ملڪ طوطا خان، نه ڪي راڻي جي طرفان وڙهيو ۽ نه ڪو نوتڪه جي مدد ڪيائين. ڪيڪو هديه عيسب بگهياڙ ۽ راڻي ارجن جو ماسات، رحمت الله مُلين پوٽو، پنهنجن ماڻهن سميت راڻي سان ڀيڙا ٿي بيٺا ۽ کيس همٿايائون. مردن مقابلو ڪيو، پر حملو وڏو هو ۽ راڻو، رحمت الله، ڪيڪو هديهه نوتاڻي ۽ سندس ٻيا گهڻائي ساٿي مارجي ويا. ٽن مڙسن قول ڪيا، ته اسين لشڪر چيري وڃي بجار کي ڌڪ هڻنداسون. انهن قول پاڙيا، پر بجار جو بخت زور هو، جو هو سلامت رهيو. انهن مان بنبي بگهياڙ ، جنهن بندوق هنئي، ٻيو ڇٽو منداڻي هو، جنهن ڀالو هنيو. ان وقت بجار ۽ تڳيو ٻئي ڀائر ڀڄي ويا، باقي سندن ڀاڻيجو ”ڪالا“ مڙس ٿي بيٺو ۽ مارجي ويو. بجار پوءِ ملير جا 80 کوسا ساڻ ڪري، لاهري بندر ڏانهن ڪاهيو. راڻو ارجن ان وقت ويهن ماڻهن سان ”رتي ڪوٽ“ ۾، جيڪو هڪ ٻيٽ تي هو، شڪار لاءِ لٿل هو. وهاڻي ٿي، رات جو جڏهن، راڻو ارجن، پنهنجي تنبوءَ ۾ ڏيئو ٻاريو ستو پيو هو ته بجار ۽ سندس ساٿي ترارون هٿ ۾ ڪري ”سيڻاهن“ تي تري وڃي مٿس ڪڙڪيا ۽ ماري ڇڏيائونس. ميان غلام شاهه انهيءَ فتح جي عيوض، بجار جوکئي کي ”ڄام“ جو لقب ڏيئي، جوکين جو سردار مقرر ڪيو. ڄام بجار پوءِ زور ورتو ۽ ڪرمتين ۽ برفتن سان جنگيون ڪيائين.[1]