باگو واھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باگو واهه-، مير باگي خان -ٽالپر- ٻَڌايو هو. جڏهن مير باگي خان سنڌ حڪومت مان حصو پتي ڇڏي ڏنو هو، تڏهن سنڌ راڻيءَ کي ساڻ وٺي پنهنجن ماڻهن سان گڏ ٺريءَ آيو ۽ راڄن جي مدد سان هڪ شاهي واهه کوٽايائين، جنهن تي هزارين ايڪڙ زمين -آباد- ٿي. اڳتي هلي هي واهه سندس نالي سان ’-باگو واهه-‘ سڏجڻ لڳو. ڪيترا غريب ماڻهو لڏي اچي سندس ڪوٽ وٽ ويٺا ۽ اهو هڪ شاهي ڳوٺ بنجي ويو، جيڪو اڳتي هلي مير باگي جي نالي سان ”-ٽنڊو باگو-“ سڏجڻ لڳو.[1]باگو واهه سائينڏني اڍيجي، سونيتيءَ جي ڀاءُ ڇيڙون ڪرائي ڪڍايو هو ۽ رڻ پٽ واري غير آباد زمين کي آباد ڪيو. اهو رڻ پٽ هينئر تعلقو ٽنڊو باگو سڏجي ٿو. اڳي اهو ويران ميدان ۽ پوٺو لڳو پيو هوندو هو، آهستي آهستي ڪري اتي آبادي ٿيڻ لڳي. اڄ ته سڄو ٽنڊو باگو شاد ۽ آباد لڳو پيو آهي. سائين ڏني اڍيجي جي مدد کان پوءِ باگي واهه تي خود مير باگو نظرداري ڪرڻ لڳو. آبادي خاصي ٿيڻ لڳي ۽ هو ڪيٽين کي ڇڏي، اچي موجوده ٽنڊي باگي ۾ ر هيو. اِهو شهر به پاڻ ٻڌايو هئائين[2].

حوالا[سنواريو]

  1. باگو واهه : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب جو نالو ؛ لاڙ جا ماڳ مڪان مصنف؛ محمد سومار شيخ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو