باکونڀو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باکُونڀو/ واکُنڀو هڪ قسم جو پسارڪو وکر. هي هندي وڻ جو ڦر آهي، جنهن جو نمونو ڏاڙهونءَ جي مکڙين جهڙو ۽ رنگ ڀُورو ٿئي ٿو. پن شهتوت جي پنن جهڙا، مگر ٿورا وڏا ٿين. بهار جي موسم ۾ ڦر جهليندو آهي. حڪيم هي وکر ٻاراڻين سُتين ۽ ڦڪين طور ڪم آڻيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]