مواد ڏانھن هلو

باندر ڦول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باندر ڦول
اسڪاٽلينڊ ۾ اريٿرينٿ پيريگرينا جو گل
سائنسي درجا بندي e
قسم جنس
اريٿرينٿ ڪارڊيلنلس (ڊوگلس اڳوڻو بينٿم)

اسپاڪ ≡مميولس ڪارڊيلنلس ڊوگلس اڳوڻو بينٿم[1] 1835[2]

هم معنيٰ[1]

مميولس sect. اريٿريٿ (اسپاڪ) گرين ، بل.ڪيلفورنيا اڪيڊمي آف سائنس 1: 108.1885


باندر ڦول هڪڙو يڪ – سالو ولايتي گل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ مانڪي فلاور (يعني گل ڀولڙو) چون ٿا. ڪتابي نالو مئيميولس (Mimulus strictus) اٿس. هن جو ٻوڙو ويٺل ٿو ٿئي، گل وڏا، سهڻا، وات پٽيل نارنگيءَ ۽ قرمزيءَ رنگ جا ڪندو آهي. ڪن ۾ ته چيٽي جهڙا سونهري پيلي رنگ جا دٻڪ دٻڪ ٿيندا آهن. ڪي وري ٽامي جي رنگ جا ۽ کهنبا گل ڪندا آهن.[3] هي يڪ – سالو باغ جي لاءِ تمام چڱي سوکڙي آهي. ٻج تمام سهڻو ٿيندو اٿس، تنهنڪري واريءَ سان ملائي چپٽيون ڀري ڪونڊين يا پاٽن ۾ پوکجي، جن ۾ مٽيءَ سان ججهي واري ملائڻ گهرجي. پاٽن ۾ مٿان پاڻي نه وجهجي. جڏهن مٽي سڪي وڃي تڏهن ڪا خالي وڏي پاٽ پاڻيءَ سان ڀري، تنهن ۾ گل واري ننڍي پاٽ کڻي رکجي، جيسين ڪ هيٺئين ٽنگ مان مٽي ڀڄي وڃي. جڏهن سلا وڏيرڙا ٿين تڏهن ڪڍي هڪڙو هڪڙو جدا ڪَونڊيءَ ۾ رکجي. ڪونڊين مٽائڻ مان هنن کي فائدو پهچي ٿو. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Farr, E. R. and G. Zijlstra (وڪي نويس), "Index Nominum Genericorum (Plantarum) 1996", Smithsonian Institution, حاصل ڪيل 4 February 2017۔
  2. "The International Plant Names Index", The International Plant Names Index, حاصل ڪيل 4 February 2016۔
  3. 1 2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو