بانبڙي جو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي آثار تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ ”رڪ“ ڳوٺ جي ويجهو آهن. ماڙيءَ شهر جي ڦٽڻ کانپوءِ -ان- جي ويجهوئي واڻين جي لڏي اچڻ ڪري هڪڙو نئون شهر ”بانبڙو“ -آباد- ٿيو. ”بانبڙو“ لڏي آيل واڻين جي چڱي مڙس جو نالو هو. انهيءَ وقت ۾ سنڌو درياهه جو وهڪرو ’بانبڙي‘ جي ڀرسان ئي هوندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن اهو شهر به درياءُ جي پائڻ ڪري پنهنجو وجود وڃائي ويٺو ۽ اڄ ’-بانبڙي جو دڙو-‘ سڏجي ٿو. ’بانبڙو‘ لفظ ممڪن آهي ”باڀڙو“ جو ڦريل اُچار هجي، جيئن پهاڪو آهي ته ”هڪ ڍؤ جهلي مينهن، ٻيو باڀڙو“. هالا شهر ۾ ”باڀڙا“ -بازار- آهي، -جتي- رهندڙ ”باڀڙا“ جين ڌرم جا واسطيدار آهن. اتي اڄ اهڙا آثار موجود آهن.[1]

حوالا[سنواريو]