باميان

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

اميان (Bamyan ) افغانستان جي شهر ڪابل جي -اتر- الهندي طرف 80 ميلن جي فاصلي تي هندوڪش جبلن جي وچ ۾ -برف- سان ڍڪيل ”ڪوهه بابا“ جي هنج ۾ واقع ”باميان وادي“ هڪ پهاڙي ماٿري آهي، -جتي- -پٿر- جي دور جا آثار ۽ انساني -تهذيب-، تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا ماڳ مڪان ۽ گوتم -ٻڌ- جا عظيم الشان -بت- موجود آهن. ماضيءَ ۾ هيءَ ماٿري تاريخي شاهراهه ريشم کي وچ -ايشيا- سان ملائڻ جو واحد رستو رهي آهي. قديم دور کان هي تاريخي ماڳ پنهنجي فطري حسن ۽ -تهذيب- جو مرڪز آهي ۽ دنيا جي سياحن ۽ -تحقيق- ڪندڙن لاءِ وڏي ڇڪ رکي ٿو. باميان ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٻه ڪشادا لَڪَ ”درهَ فولادي“ ۽ درهء ڪڪرڪ“ استعمال ڪرڻا پون ٿا. جڏهن ته چوڌاري وڏا پهاڙ ۽ اوکا لڪ، ڦاٽ ۽ اونهيون کاهيون آهن.

ڪتاب ’-جنت- السنڌ‘ جو ليکڪ رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو: ”هندوڪش جي جبلن جي وچ ۾ ”باميان“ وڏو -بت- خانو هو، -جتي- غارن ۽ غفائن ۾ 12 هزار -بت- رکيل هئا، اتي موجود بُت خانن مان هڪڙي عمارت سون جي هئي, جنهن کي عرب محقق زڪريا قزويني ”-بيت- الذهب“ جي نالي سان لکيو آهي ۽ هر هڪ بُت جو احوال جدا جدا ڏنو آهي. حجاج -بن- يوسف جي ڏينهن ۾ باميان فتح ٿيڻ وقت عرب فاتحن کي هتان سوين مڻ سون هٿ آيو هو. مامون الرشيد جي ڏينهن ۾ بعض بُت -تحقيق- لاءِ -بغداد- جي -بيت- الحڪمت پهچايا ويا هئا.“

آثار قديمه جي مشهور پنج ماهرن جارج هاڪنز، آندري گوڊارڊ، مادام گوڊارڊ ۽ موسيو الفرڊ فوشا، -جن- 1922ع کان 1924ع دوران جدا جدا وقتن تي ”باميان ماٿريءَ“ ۾ موجود انساني وسندين ۽ اتي موجود گوتم -ٻڌ- جي وڏن شاهڪار مجسمن تي ڏينهن رات هڪ ڪري تحقيقي ڪم ڪيا, -جن- جي -تحقيق- مطابق قدبت جي لحاظ کان ننڍو مجسمو، جنهن کي اتي جي مقامي ماڻهن ”شمائيلا“ ٿي سڏيو، -ان- جي اوچائي 53 ميٽر هئي. اهو مجسمو پهرين صدي عيسويءَ ۾ گهڙيو ويو هو, جيئن ته هي سنگتراشيءَ جو شروعاتي دور هو، -ان- ڪري -ان- مجسمي جي جوڙجڪ ۾ بنيادي خاميون عيب پڌرا ٿي نظر آيا. انهن عيبن کي درست ڪرڻ لاءِ انهيءَ جابلو پٽيءَ ۾ شمائيلا مجسمي کان لڳ ڀڳ سؤ ميٽر مفاصلي تي هڪ ٻيو مجسمو تيار ڪيو ويو، جيڪو پهرئين مجسمي کان قدبت جي لحاظ کان 53 ميٽر وڏو هو.

باميان ماٿريءَ جي عروج جو زمانو تقريباً 200 ق. م کان شروع ٿئي ٿو ۽ 200ع کان 500 ع تائين پنهنجي زوال کي رسي ٿو. جڏهن جديد -افغانستان- جي -تاريخ- جو مطالعو ڪجي ٿو. تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته انهن -ٻڌ- آثارن کي سڀ کان پهرين شديد نقصان -امير- عبدالرحمان جي دور ۾ رسيو، جنهن 1880ع کان 1893ع (تيرهن سال) طويل -جنگ- کان پوءِ اتي جي هزار جات قبيلي کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ هزاره آباديءَ جو قتل عام ڪيو. گڏوگڏ باميان ماٿريءَ ۾ موجود ڪيترن ئي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳن ۾ گوتم -ٻڌ- جي مجسمن کي شديد نقصان پهچايو. مارچ 2001ع ۾ طالبانن پاران توبن جي گولن سان مجسمن جي ڪمزور حصن، پيشاني ۽ هٿن کي اڏايو ويو. -ان- عمل کي سڄي دنيا ۾ ننديو ويو.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%D9%85%D9%8A%D8%A7%D9%86