بالو جا قبا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بالو جا قبا (انگريزي :Baloo Ja Quba) ڪلهوڙن جي جنگي جرنيل -بلاول- زرداريءَ جي وفات 800 ھجري ۾ ٿي، جنهن جو مقبرو 18 ھين صديءَ ۾ ٺھيو. بالوءَ جو مقام، ديھ 23 داد، تعلقي ۽ ضلعي نواب شاهه (ھاڻي بينظيرآباد) جي، حاجي مٺي خان زرداري ڳوٺ کان اٽڪل 2 ڪلو ميٽر اولھ ۾ آھي. جڏهن ته زوار ڪوڙي جو ڳوٺ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾، ٻانڌي- نواب شاھ روڊ اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر -اوڀر- ۾ ۽ نواب شاھ شھر اٽڪل 12 ڪلو ميٽر ڏکڻ -اوڀر- ۾ آھي. ھي ماڳ -اتر- ويڪرائي ڦاڪ 260 1’94” ڊگرين ۽ -اوڀر- ڊگھائي ڦاڪ 68021’5’ ڊگرين تي واقع آھي. بالوءَ جو مقبرو ڊيگھ ۽ ويڪر ۾ 6.60x6.60 ۽ اوچائيءَ ۾ 13 ميٽر آھي. -ان- جي اڏاوت ۾ چيرولي، پڪيون سرون، سيمنٽ، گارو ۽ شيشو وغيره استعمال ٿيل آھي. مقبرو چورس رٿيل آھي. لنگھ -اوڀر- طرف وڌاوڙي نموني ونگيل در (corbel arched) سان آھي، دروازو ڪاٺ جو لڳل آھي. وڏو کڻ ونگو (Recessed Arched) -پانيل- ۽ اندر تي ھڪ مستطيل -پانيل- لنگھ وٽ ٺھيل آھي. مھاڙيءَ کان سواءِ -ٽن- پاسن تي 15 عدد مستطيل -پانيل- -ٽن- قطارن ۾ ٺھيل آھن. ڪنڊن وٽ ٻيڙ -ٻني- تي ڪنگرا ٺھيل آھن. مھاڙيءَ ۾ ڪنگرن کان سواءِ چار برجيون ٺھيل آھن، -جن- کي وري چار دريون (opening) ڏنل آھن. اٺڪنڊي ڳچ (Drum) کي چار روشندان ۽ -اٺ- برجيون ۽ ھر پاسي سيمنٽ جون ڄاريون لڳل آھن. ڳچ جي مٿان اڌگول گنبذ ۽ -ان- جي مٿان ڪاشيءَ جو ڪلس ٺھيل آھي. گنبذ جي ٻاھران شيشي جو ڪم ٿيل آھي. گنبذ جو نمونو ھوسانگ جي مقبري جھڙو آھي، جيڪو منڊو (Mandu) ۾ سال 1440ع ۾ ٺاھيو ويو ھو. مقبرو پانيلن سان ھر پاسي سينگاريل آھي. ڇتين تي ٽي عدد مستطيل -پانيل- به ٺھيل آھن. مٿي ڪنڊن وٽ ڪنڊ جوڙ (Squinch) ٺھيل آھن، جيڪي مقبري کي اٺڪنڊو گچ ٺاھڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اندران مقبرو ڳچ سان پلستر ٿيل آھي. حجري ۾ ٻه قبرون ماربل جون ٺھيل آھن. -بلاول- زرداريءَ جي قبر تي ڪتبو لڳل آھي. هيءُ ڪلھوڙن جو جنگي جرنيل ۽ سفارتڪار ھو. مقبري جي سنڀال ھئڻ ڪري تمام سٺي حالت ۾ آھي. حڪومت 89-1988ع ۾ ھتي ڪجهه مرامت جو ڪم به ڪرايو آھي. هن بزرگ جي نالي سان ’-بلاول انسٽيٽيوٽ-‘ قائم ٿيل آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري آهي.[1]

حوالا[سنواريو]