باسڪن روبنز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باسڪن روبنس
Baskin-Robbins
قسم Wholly owned subsidiary
صنعت کاڌو ۽ مشروب
باني
خدمتي علائقو پوري دنيا ۾
اھم شخصيتون نائجل ٽريوس(Nigel Travis) ڊنڪن برانڊز جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ چيئرمين[1])
صنعتي پيداوار *آئيس ڪريم
  • آئيس ڪريم ڪيڪ
  • ڄمايل مشروب
  • ڄمايل کاڌا
اصل مالڪ ڊنڪنس برانڊ (Dunkin' Brands)
ويب سائٽ baskinrobbins.com

باسڪن روبنس: Baskin-Robbins :


آمريڪا جي آئيس ڪريم ۽ آئيس ڪريم ڪيڪ جي ڪمپني جنھن جي دڪانن ۽ ريسٽورنٽن جي لڙھ مختلف شھرن ۽ ملڪن ۾ ڦھليل آھي. ان جو صدر مقام مئسچوسٽس(Massachusetts) جي شھر ڪينٽن (Canton)۾ آهي.ھن ڪمپني جو بنياد 1945 ۾ ڪيليفورنيا جي ٻن يھودين برت باسڪن (Burt Baskin) ۽ ارو رابنس(Irv Robbins) گلينڊيل (Glendale) شھر ۾ وڌو. ھن ڪمپني وٽ آئيس ڪريم جي دڪانن جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي چين آھي [2]ڊسمبر 2013 ۾ ان جا دڪان ۽ ريسٽورنٽ 7,500ھنڌن تي واقع ھيا جن مان 2,500 آمريڪا ۾ باقي 5000 دنيا جي ٻين 50 ملڪن ۾ واقع ھيا [3] ڪمپني آئيس ڪريم جي 31 ذائقن لاءِ مشھور آھي جنکي تشھير ۾ مھيني جي 31 ڏينهن سان نسبت ڏني وئي آهي يعني مھيني جي ھر نئين تاريخ تي نئون ذائقو. 1945 کان وٺي ڪمپني ھڪ ھزار کان وڌيڪَ ذائقا متعارف ڪرايا آهن. [4] .== حوالا ==


  1. "Dunkin' Brands - People". Dunkin' Brands. وقت January 19, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل January 27, 2013. 
  2. "About Baskin-Robbins". 
  3. "DNKN-2013.12.28-10K". 
  4. Our History