باس
ڏيک
سُکا. نذر. مذهبي اصطلاح ۾ اها شيءِ، جيڪا خدا تعاليٰ، ڪنهن درويش يا بزرگ پير فقير جي مڃتا ۾ باسيل هجي، انهيءَ اميد سان ته جي مراد پوري ٿئي ته هيءَ خيرات ڪبي، ڪا ڪُني ڪبي. خوشي ڪبي يا ڪو صدقو ڪڍبو.
اڪثر اهو عقيدو عام آهي ته -باس- باسيل هوندي ته -ان- جي پوري ٿيڻ تي ضرور ڏجي، نه ته چوندا آهن ته -باس- نه ڏيڻ سان نقصان ٿيندو. تنهنڪري عام ماڻهو ڪنهن درگاهه يا مرشد جي مزار تي وڃي پڙ چاڙهين، لنگر رڌي فقيرن کي کارائين ۽ اهي سڀ رسمون ڳائي وڄائي ادا ڪيون وينديون آهن.
هندو اهڙي رسم يا عقيدي کي منت يا منٿ ڇون.[1]