باد نما
ڏيک
هوا جو رُخ ۽ رفتار ڏيکاريندڙ ڦِرڻي، جيڪا موسميات کاتي وارا ڪنهن لوهي لٺ ۾ مٿاهينءَ جاءِ تي هڻي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ هوا جي رفتار جي خبر پوندي آهي. هن ڦِرڻيءَ کي ’-باد- پيما‘ به چوندا آهن. ڪن هنڌن تي ڪاٺ جي -تير- کي وچ ۾ ڪِلي هڻي، ڪنهن ڪاٺيءَ ۾ مٿاهينءَ جاءِ تي هڻي ڇڏيندا آهن، جنهن طرف کان هوا لڳندي هوندي، -تير- جو پُڇ انهيءَ طرف جي -پٺ- ۾ هوندو آهي ۽ -ان- طرح طرف ڏسڻيءَ جو ڪم ڏيندي آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ باد نُما : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-12 تي محفوظ ڪيل, 2016-06-22 تي حاصل ڪيل