باختر


باختر (Bactaria) اڳئين زماني ۾ هندو ڪش جبل ۽ جيحون نديءَ جي وچ واري علائقي جو نالو آهي. باختر جي حدن ۾ وچ ايشيا جي قديم يوناني سلطنت جن جي حدن ۾ هن وقت جو اتر افغانستان، اوڀرين ايران جا مٿيان علائقا اچي وڃن ٿا. هن سلطنت جي گادي جو هنڌ باختر موجوده بلخ هو. اها ايران جي هخامنشي سلطنت جي هڪ باجگزار رياست (Strape) هئي، جن کي سال 328 ق.م. سڪندر اعظم فتح ڪيو هو. ان کان پوءِ هيءَ سلطنت سليوڪسي (يوناني) بادشاهن جي هٿ هيٺ رهي.
سال 24 ق.م. ۾ اها خودمختيار يونانين ۽ باخترين جي طاقتور رياست طور سامهون آئي. سال 13 ق.م. ۾ خانه بدوش سيٿيئن هن رياست کي فتح ڪيو. 653ع ۾ بلخ (باختر) مسمان لشڪر پاران فتح ڪيو. هيءُ شهر تاريخ ۾ ڏاڍي اهميت جو حامل رهيو آهي. آخري ڀيرو هن شهر کي منگول شهنشاهه، چنگيز خان تهس نهس ڪري ڇڏيو. هتي قديم دور جا ڪيترائي يادگار موجود آهن. جهڙوڪ، حضرت ابراهيم بن اڌم بلخي جو مزار، ٻڌن جو وهارو ”نوبهار“، خواجه محمد پارسا جي مسجد ۽ سلطان احمد حضرويه جي قبر به هتي آهي. هي شهر انهيءَ لحاظ کان به اهم آهي ته هتي مولانا جلال الدين روميءَ جنم ورتو.[1]