باتل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعلقي نوشهري فيروز ۾ هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ اسماعيل کوسو، حاجي عثمان خاصخيلي، شادي کوسو ۽ علي محمد مداح ڳوٺ -آباد- آهن. هن ديهه ۾ پراڻو قلعو اڏيل هو، جنهن جا ٻه پاسا اڃا سلامت آهن. عام ماڻهو هن قلعي کي ”ميرن جو ڪوٽ“ چوندا آهن. -آس- پاس قديم آثار آهن، جِتي وڏو ڳوٺ هو. مشهور ”سِرڻيءَ جو ڪوٽ“ هتان -اوڀر- ۾ ٻن ميلن جي مفاصلي تي ٿيندو. سرڻي ڪوٽ ۾ ٻڌڪا آثار آهن ۽ هتي هڪ وڏو -اسٽوپا- اڃا تائين بيٺو آهي. [1]

باتل2: هڪ واهه جو وهڪرو هو جيڪو سِپهري مان پاڻمرادو وهي وري اچي ساڳئي واهه ۾ پوندو هو.[2]

حوالا[سنواريو]