باب:ڪورونا وائرس مرض 2019/چونڊ مضمون/1

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
چين ۾ ڪورونا وائرس جا اثرَ

مکيا زمين چين ۾ ڪوروناوائرس مها وبا 2019-20 , (انگريزي ٻولي: 2019–20 coronavirus pandemic in mainland China), چيني حڪومتي دستاويزن جي مطابق، 17 نومبر 2019 تي سڀ کان اڳ پهريون تصديق ٿيل مريض ووهان، هوبئي، چين جو هڪ 55 سال ڄمار وارو ماڻهو هيو. اڳئين مهيني ۾، هوبئي صوبو ۾ ڪورونا وائرس جي واقعن جو تعداد آهستي آهستي ٻه سئو ٿي ويو، انکانپوءِ جنوري 2020 تي مريضن ۾ تيزيءَ سان انگُ وڌڻ لڳو. 31 ڊسمبر 2019 تي، وائرس جي سبب کان صوبو هوبئي جي راڄڌاني ووهان ۾، صحت کاتو جي آفيسرن کي نامعلوم نمونيا جي واقعن جو اطلاع مليو هيو، ۽ ان بيماري جي کوجنا (تحقيق) اڳئين مهيني جي مُنڍ ۾ شروع ٿي ويون۔ انهن متاثر ٿيل ماڻهن جو گهڻو تعداد جو لاڳاپو، سامونڊري جانورن جي هڪ بازار کان هيو، جتي زندهه جانورن جو ڪاروبار ٿيندو آهي، انهيءَ ئي ڪارڻ اهو چيو پيو وڃي تہ وائرس جو ڪارڻ (سبب) زونوٽڪ ( zoonotic) آهي۔ ابتدائي مرحلن دوران، هر ست ڏينهن ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو انگُ (تعداد) ٻيڻو ٿيندو رهيو.سال 2020 جي مُنڍ ۽ وچ جنوري ۾، چين جي ٻين صوبن ۾ پڻ هي وائرس پکڙجندو ويو، ۽ ان ۾ نئون چيني سال جي آمد پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، ووهان چين ۾ اَچ وَڃُ (ٽرانسپورٽ) جو مرڪز ۽ ريلوي جو هڪ اهم هنڌ آهي، جنهن جي سبب کان متاثر ٿيل ماڻهو تيزيءَ سان پوري ملڪ ۾ پکڙجي ويا. 20 جنوري تي، چين هڪ ئي ڏينهن ۾، 140 نوان متاثر ٿيل ماڻهن جي تصديق ڪئي، جن منجهان هڪ بيجنگ جو همراهه ۽ ٻيو همراهشينزين جو رهواسي هيو.  انکانپوءِ جي سرڪاري انگ اکرن (شماريات، اسٽيٽسٽڪس) منجهان پروڙ (خبر) ملي ٿي تہ 20 جنوري 2020ي تائين 6،174 ماڻهن ۾ اڳ ئي ڪورونا وائرس جون علامتون ظاهر ٿي چُڪيون هيون