باب:ڪورونا وائرس مرض 2019/تعارف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪورونا وائرس جو ويراون هيئت
ڪورونا وائرس جو ويراون هيئت

ڪورونا وائرس مرض 2019 (COVID-19) هڪ پکڙجندڙ (متعدي) بيماري آهي، جيڪا انتهائي موتمار ساهه کڻڻ واري (تنفسي) سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) جي سبب کان ٿيندي آهي. هي روڳُ (مرض) سموري دنيا ۾ 2019 کان وٺي پکڙجڻ لڳو آهي ۽ تُرت ئي عالمگير مها وبا (پينڊيمڪ) جي شڪل اختيار ڪري ويو. ان جي عام اُهڃاڻن (عام علامتن يا نِشانين) ۾ ڪورونار جي مُتاثر ٿيل ماڻهوءَ ۾ تَپُ يا بُخار، کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ ٻُوسَٽُ ٿيڻ شامل آهي. پُٺن يا جوڙن جو سُورُ (درد) ٿيڻ، رت واري ٿُڪَ اچڻ ۽ ڳچيءَ يا ڳلي جو سُڄڻ ڪُجهه نراليون يا اڻ لَڀ حالتن ۾ علامتون آهن. گهڻي ريت معاملن يا ڪيسز ۾ گهٽ علامتون پڻ ڏسڻ ۾ آيون آه، ڪُجھ معاملن ۾ روڳي (يا مريض) کي نمونيا ۽ بدن جي مختلف عُضون جو ڪم ڇڏڻ يا ڀيڪار ناڪارا ٿيڻ جو شڪار ٿيڻ پڻ شامل آهي. سُڃاڻپ ٿيل معاملن (ڪيسز) ۾ موتَ جو تناسب 1 سيڪڙو ۽ 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ يا وچ۾ هوندو آهي، پر ڄمار ۽ صحت جي ٻين حالتن يا نوعيت جي لحاظ کان تبديل پڻ ٿي سگهي ٿو.