مواد ڏانھن هلو

باب:سماج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سماج (Society) انهن ماڻهن جو هڪ گروهه آهي، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏيل لاڳاپا رکن ٿا ۽ سماج جي وصف مطابق اهو ضروري ناهي ته هو هڪ ئي قوم يا هڪ ئي مذهب سان تعلق رکن. جڏهن ڪنهن خاص قوم يا مذهب جي تاريخ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي آهي ته پوءِ عام طور تي ان سماج سان گڏ ان جو نالو به شامل ڪيو ويندو آهي جهڙوڪ هندستاني سماج، مغربي سماج يا اسلامي سماج. اسلام ۾ زندگيءَ جون عام بنيادي ضرورتون، ان تصور کي اڳتي وڌائيندي قرآني تصور کي اخوت ۽ ڀلائي واري سماج جو تصور ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي مقابلي ۾ سماج جي لغت جون سڀئي معنائون پنهنجي رونق وڃائي ويهن ٿيون. ان ئي تصور جي هڪ جھلڪ قرآن مجيد جي سوره آل عمران جي آيت نمبر 110 ۾ ڏسي سگهجي ٿي ته سماج ڇا آهي يا ٿيڻ گهرجي.