بابا نيڀراج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جو بهترين صوفي شاعر ۽ بزرگ، بابا نيڀراڄ 1875ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو. هيءُ هندن جي ”ڀاٽيا“ ذات مان هو. شاگرديءَ واري دور ۾ هوشيار هو ۽ هميشه سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو هو. فائنل پاس ڪري، اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ لڳو. بابا نيڀراڄ کي سنڌ جي نامياري صوفي شاعر قادربخش بيدل جي صحبت حاصل ٿي، جنهن وٽان هن گهڻو فيض پرايو. بيدل فقير جي فرزند بيڪس فقير سان به سندس صحبت هئي. پاڻ سدائين مالڪ جي بندگيءَ ۾ رُڌل رهندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري هو ايشور جي عبادت ۾ ايترو ته گم ٿي ويو، جو اسڪول وڃڻ جي ڳالھ به وسري ويس ۽ ان ڏينهن تي انسپيڪشن به هئي. هن ٻئي ڏينهن وڃي هيڊماستر کي سچ ٻڌايو ۽ حيران رهجي ويو، جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته، تون ته ڪالهه انسپيڪشن ۾ موجود هئين! بابا نيڀراڄ (Baaba Nebhraaj) ان واقعي کي مالڪ جو راز سمجهيو. پاڻ سڄي زندگي مجذوبيت واري حالت ۾ گذاريائين. 1949ع ڌاري ديھانت ڪري ويو. سندس لکڻين ۾ ”پاڻ ٿو ڄاڻي“ ۽ ”راءُ ريجهايوسين“ مقبول ڪتاب آهن.[1]

حوالا[سنواريو]