اھير ڀيرو (راڳڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اهير ڀيرو، اهير ڀيروون راڳڻي هي ڀيرو ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. هن ۾ مڌم چٽو ڪري لڳايو ويندو آهي، پور وانگ ۾ ڀيرو جو انگ ۽ اترانگ ۾ ڪافي ٺاٺ سان ملندڙ آهي، اهيري ڀيروين ۽ ٽوڙي ٺاٺن ۾ به ڄاڻايل آهي. ڀائو ڀٽ پنڊت ڀيرون جا ڏھ قسم لکيا آهن، جيڪي هي آهن.

  1. آڍو ڀيرون
  2. کاڊو ڀيرون
  3. سمپورن ڀيروون
  4. بسنت ڀيروون
  5. آنند ڀيروون
  6. نند ڀيرون
  7. سُر ناڪر شن ڀيروون
  8. گنڌار ڀيروون
  9. رام ڀيروون
  10. ڀولي ڀيروون

انھن مان رڳو ڪجهہ قسم مروج آهن.

هن جو خاص سرگم هي آهي: گي کي را سا- سا سا را سا- نا سا را سا- نِا ساگي- گي گي ما- گي ما را پا- گي ما را سا- را را سا- گي را گي ما- ما ما پا گي ما را- را سا- سا را سا ما- گي راگي ما- ما ما پا گي- ما را- را سا سا را سا ما- گي را سا پا- گي ما پا- گي ما پا گي- ما گي را سا آهي. هن جي آروهي: ساراگي ما پا ڌي نا سا ۽ امروهي: سانا ڌي پا ما گي را سا آهي، جڏهن تہ وادي سُر کرج ۽ سموادي مڌم آهي.[1]

حوالا[سنواريو]