اھر
ڏيک
ڳاڙهي رنگ جو تمامس جهڙو -ٻج-، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم اچي. هن کي -آهر- به چون. ذائقي ۾ تيز ٿئي. هن جا ٽي قسم ٿيندا آهن: هڪڙي -جبل- جي -آهر-، ٻي پوٺن جي -آهر- ۽ -ٽين- باغن جي -آهر-. هي فصل سرءُ جي موسم ۾ پوکبو آهي. طبي لحاظ کان معدي ۽ جيري جي سور کي فائدو ڪري ٿي. ڪنهن به عضوي ۾ سور ٿئي ته اهُر کي گهوٽي سُرڪي ۾ ملائي، ڪاغذ تي مکي سور واري هنڌ تي رکڻ سان سور گهٽجي ٿو. -آهر- آچار ۾ کٽاڻ پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪم ايندي آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اهر : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2024-11-12 تي محفوظ ڪيل, 2016-06-16 تي حاصل ڪيل