اڻ برابريءَ جو ڊپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سترھين ۽ ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ اھو اڻ برابريءَ جو ڊپ ذھنن ۾ رکندي بورجوازين طرفان ارسطوءَ جي ڏنل اصولن تي بحث ٿيڻ لڳا جن ۾ برطانيه جا ٻه فلاسافر ان حوالي سان آڏو آڏو هئا: ھڪڙو ٿامس ھوبس (انگريزي ٻولي: Thomas Hobbs) ۽ ٻيو جان لاڪ (انگريزي ٻولي: John Lock) جن ۾ ھوبس مطابق اقتصادي مارڪيٽن ۾ واڌارو آندو وڃي جن رستي ماڻھوءَ ماڻھوءَ ۾، ڪنھن حد تائين برابري اچي ويندي. پر جي پوءِ به ڪا جنگي ڇڪتاڻ جي صورت اچي وڃي ته اُن کي ھڪ طاقتور حڪومت وچم پئي دٻائي دٻائي ڇڏي. جڏھن ته لاڪ، مالڪ ۽ مزدور جي وچ ۾ اقتصادي ويڃي کي فطري محسوس ڪري ٿو. ھڪ فرينچ سياسي فلاسافر جين جيڪسن روسو (انگريزي ٻولي: Jean-Jacques Rousseau)، پنھنجي ھڪ مضمون اڻ برابريءَ جي شروعات (1755ع) ۾ چٽو فرق ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ھڪڙيون اڻ برابريون اُھي آھن, جيڪي فطرتي طور تي، انسان جي پيدائش سان گڏوگڏ وجود ۾ آيون آھن ته ٻيون اڻ برابريون اُھي آھن، جيڪي مخصوص سماجي نظامن جي ترتيب ڏنل ڍانچي سببان وجود ۾ آيون آھن، پر پوءِ به ھو سماج کي فردن جو مجموعو ڪري تصور ڪري ٿو، نڪي طبقن جي مجموعي طور. ان کان پوءِ جنھن فلاسافر جي ڏنل اصول ۾ طبقا (ھيٺيون ۽ مٿيون) ڪنھن حد تائين چِٽا ملن ٿا، سو آھي ميڊيسن، جنھن جي ڏنل اصول مان ڪي خاص ڳالھيون اڳتي ھلي مارڪس پنھنجي طرفان ڏنل اصول ۾ ڪم آنديون.[1] [2]

  1. سنڌي سماج جو جائزو (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-30 
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام