اڪيواري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڪيواري/اڪيواڙي: هي هڪ ديهه جو نالو آهي جيڪا ڪراچي ۾ آهي، موجوده حسن اسڪوائر، نيشنل اسٽيڊيم، شانتي نگر، محمد علي سوسائٽي ۽ طارق روڊ واري علائقي ۾ -اڪ- گهڻا هوندا هئا، -ان- ڪري هي علائقو اڪين واري، ”اڪن وارو پٽ“ مشهور هو، جيڪو بعد ۾ بگڙجي -اڪيواري- ۽ اڪيواڙي ٿيو. هن ديهه جون حدون پراڻي سبزي منڊي جي سامهون موجوده الهلال هائوسنگ سوسائٽي، -آغا خان- اسپتال، محمد علي سوسائٽي کان ريلوي لائين تائين، ٻئي پاسي موجوده يونيورسٽي روڊ جيڪو ڪجهه وقت اڳ تائين گڏاپ ۽ -ٿاڻو بولا خان- روڊ جي نالي سان مشهور هو، شهر ڏانهن ويندي هن جي کاٻي پاسي مدو ڳوٺ، سفاري پارڪ لڳ مولڙي -جبل- کان -آمري- ڍوري تائين ۽ اڳتي هلي ناٿا خان پل جي وچ تائين هن ديهه جون حدون آهن. سي او ڊي وارو فوجي علائقو، ڊالميا، سيمنٽ فيڪٽري، عزيز -ڀٽي- پارڪ، -اردو- يونيورسٽي، نيپا، سوڪ سينٽر، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي پراڻي آفيس وارا علائقا انهيءَ ديهه ۾ آهن.[1]

حوالا[سنواريو]