اڪيلائيء جو آسمان
ڏيک
هيءَ ڪتاب نوجوان شاعر ايوب کوسي جو شعري مجموعو آهي. جنهن ۾ غزل ۽ نظم آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري اديب ۽ نقاد تاج جويي لکيو آهي، هو ايوب کوسي جي شاعريءَ بابت لکي ٿو. ”ايوب کوسي وٽ احساساتي زبان ۽ پنهنجو نڪور تاڃي پيٽو آهي، جنهن ۾ نقل جو شائبو به موجود نه آهي. هن جو اندازِ بيان منفرد ۽ تخليقي آهي.“ گلشن پبليڪيشن پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2004ع ۽ ٻيو ڇاپو -جولاءِ- 2008ع ۾ شايع ڪيو ويو. پڪي جلد سان 168 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اڪيلائيءَ جو آسمان : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2025-06-06 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-29 تي حاصل ڪيل