اڪبر نظير نمائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اديب ۽ شاعر سيد غلام اڪبر شاهه، ادبي نالو ”نظير“ نمائي. 16 -اپريل- 1950ع تي ڳوٺ نِمون يار علي شاهه لڳ اڏيرو لال ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي ۽ ايم. ايڊ ڪري -تعليم- کاتي سان وابسته ٿيو ۽ هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر، ڪاليج آف ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ آهي. سندس تصنيفن ۾ ”تعليمي عمرانيات (1996ع)، ”هالا هيرن کاڻ“ (1997ع)، ”يا نصيب“ (شاعري، 1998ع) ڇپيل آهن. هو هن وقت حيدرآباد ۾ رهندڙ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]