اڪبر آشرم لاڙڪاڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ادارو مشهور صوفي، ويدانتي شاعر ۽ اديب امرت راءِ جئه سنگهاڻي ’سام‘ 9 اپريل 1930ع تي قائم ڪيو. هن اداري پاران ماهوار رسالو ’رهاڻ‘ جاري ڪيو ويو. ان کان سواءِ هن اداري پاران امرت راءِ جئه سنگهاڻي ’سام‘ جا ڪجهه ڪتاب: ’پينو جي سوغات‘، ’اتم باغ‘، ’ديوان سام‘، ’دل جو جام‘، ’ايئا جو آواز‘، ’تون ۽ مان‘ پڻ ڇپايا ويا. ان کان علاوه سام جي ڌرم پتني ڊاڪٽر سرلا ديويءَ جي ڊائري ’جيتامڙي جي ڊائري‘ صوفي ڌڻي بخش ۽ ڊاڪٽر سرلا ديوي جو لکيل ’سام سان گڏ ٻه ٽي گهڙيون‘ ۽ ڌڻي بخش سهاڳ جو ’اڪبر آشرم ٽرئڪٽ‘ 1943ع ۾ ڇپايا ويا. سام جا ڪجهه انگريزي ڪتاب به هن اداري ڇپايا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]