اڪائونٽنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڪائونٽنگ: حسابداري: کاتيداري: accounting :اڪائونٽنسي : accountancy:

اڪائونٽنگ علم جي ھڪ اھم شاخ آھي جنھن ۾ ڌنڌي جو حساب ڪتاب يا کاتي رکڻ جو فن يا ترتيبوار کاتي جو احوال رکيل ھوندو آھي جنھن ۾ رقمن جمع ٿيڻ يا رقمون نڪرڻ جو احوال شامل ھوندو آھي.[1] ڪنھن بہ اقتصادي وجود يا ھستيءَ (entity) بابت تور تڪ ، ونھوار ۽ مالياتي ڄاڻ جي اچ وڃ (communication) متعلق علم کي اڪائونٽنگ چئبو آهي [2][3] اھڙين اقتصادي ھستين ۾ مختلف قسمن جا ڌنڌا ۽ ڪارپوريشن جا قسم شامل آهن.

ليوڪا پاچيولي جي پينٽنگ

دنيا ۾ مروج جديد اڪائونٽنگ جو بنياد 1494 م اٽليءَ جي ھڪ رياضيدان ليوڪا پاچيولي (Luca Pacioli) وڌو [4] ھن علم کي ڌنڌي جي ٻولي يا زبان بہ چوندا آهن [5] اڪائونٽنگ سان ڪنھن بہ ڌنڌي يا ڪارپوريشن جي معاشي معاملن جي نتيجن جي تور تڪ ڪئي ويندي آھي ۽ ان جي مدد سان نتيجن جي ڄاڻ کي مختلف لاڳاپيل ماڻھن (جن ۾ سيڙپڪار، قرض ڏيندڙ، مينيجمينٽ ۽ ريگيوليٽري ايجنٽ وغيره شامل آهن) تائين پھچايو ويندو آهي. [6] لفظ اڪائونٽنگ جي لاءِ مالياتي رپورٽنگ نعمل البدل طور استعمال ٿيندو آهي. اڪائونٽنگ جي پريڪٽس ڪندڙن کي اڪائونٽنٽ چيو ويندو آهي.ھنعلم جون مختلف شاخون آهن جن ۾: مالياتي اڪائونٽنگ، مينيجمينٽ اڪائونٽنگ، آڊٽنگ ، ٽيڪس اڪائونٽنگ ۽ ڪاسٽ اڪائونٽنگشامل آهن. مالياتي ونھوار بابت کاتن ۾ داخلائون ڪرڻ جي طريقي کي وري بڪ ڪيپنگ(bookkeeping) چئبو آهي جنھن ۾ وري ٻٽي داخلا جو طريقو يا ڊبل اينٽري بڪ ڪيپنگ سڀ کان وڌيڪَ عام طريقو هوندو آهي. [7]

حوالا[سنواريو]

  1. {تجارت يا بينڪاري جي لغت؛ مرتب: حاڪم علي شاھ بخاري؛ سنڌي لئنگويج اٿارٽي }
  2. Needles, Belverd E.; Powers, Marian (2013). Principles of Financial Accounting. Financial Accounting Series (12 ed.). Cengage Learning. 
  3. Accounting Research Bulletins No. 7 Reports of Committee on Terminology (Report). Committee on Accounting Procedure, American Institute of Accountants. حاصل ڪيل 31 December 2013. 
  4. DIWAN, Jaswith. ACCOUNTING CONCEPTS & THEORIES. LONDON: MORRE. pp. 001–002. id# 94452. 
  5. Peggy Bishop Lane on Why Accounting Is the Language of Business, Knowledge @ Wharton High School, حاصل ڪيل 25 December 2013 
  6. "Department of Accounting". Foster School of Business. Foster School of Business. حاصل ڪيل 31 December 2013. 
  7. Lung, Henry (2009). Fundamentals of Financial Accounting. Elsevier.