اکيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاديءَ جي هڪ رسم ۾ اکين تي ٻڌڻ جو هڪ خوبصورت نقاب. شاديءَ کان اڳ ڪنوار ونواهه، وناهه يا وَنَههَ ۾ ويهندي آهي. ڏينهن جو تعداد ڪن هنڌن تي ست مقرر آهي، ڪن هنڌن پنج ۽ مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪنوار ٽي يا چار ڏينهن به ونواهه ۾ ويهندي آهي. ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار کي ٻي ٽڪساٺ سان گڏ منهن تي -اکيو- ٻڌڻ ضروري هوندو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو آهي ته شاديءَ کان اڳ ڪو به مرد ماڻهو توڙي ڌاري عورت -اکيو- ٻڌل ڪنوار جو منهن نه ڏسي سگهي. اکيو ڳاڙهي حلواڻ جي ڪپڙي مان ٺهندو آهي. ڪن هنڌن -اکيو- سادي ڳاڙهي ڪپڙي جي -ٽڪر- مان ٺهي، ته ڪن هنڌن -اکيو- زريءَ سان ڀرت ڀريل ٺاهين. لاڙ ۾ -ان- کي ’وناهه‘ به چون ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]