اڙانا (راڳڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آساوري ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. ڪن گرنٿن ۾ هن کي ڪافي -ٺاٺ- ۾ ڳڻيو ويو آهي. مڌم گرهه جو سر اٿس. کرج وادي سر اٿس. -ان- جي شڪل سارنگ سان ملندڙ آهي، پر -امروهي- ۾ پنچم ۽ گنڌار جي سنگت کيس سارنگ کان ڌار رکندي آهي. -تار- ۽ مڌ آستان جي سرن ۾ ڳائڻ سان لطف پيدا ٿئي ٿو. هن راڳڻي جي خاص -تان- هي آهي: نانا ماپا- سا- نا پا- ماپا- سَا- ڌانا پا- ما- گا ما- ري- سا- ما ما- پا- سَا- ڌا نا سَا- رکي رکي سا-سَا- ناپا- گا گا- ما- ماري – سا. هن جي آروهي ساري ما پا ڌا نا سا ۽ -امروهي- سَا نا پا گا ماري سا، جڏهن ته وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر پنچم ۽ -آڌي رات- جو ڳائبي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]