اڌ اکري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
The Lord's Prayer in Gregg and a variety of 19th-century systems

اڌ اکري __ (Short hand):

لاڪنائن يا ماترائن (حرڪات) بنا اکرن واري تحرير. وڏي لفظ جي ننڍي شڪل. شارٽ هينڊ رائٽنگ، اڪثر آفيسن ۾آفيسر، ڪلارڪن کي ڊڪٽيشن ڏئي لکرائيندا آهن، جيئن وقت بچائي سگهجي. سنڌيءَ ۾ شارٽ هينڊ بابت عنايت عباسيءَ جا لکيل ڪتاب ملن ٿا.[1] ھن قسم جي لکڻيءَ کي (Stenography) چيو ويندو آهي جيڪو يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن مان نڪتل آهي: اسٽينوس (Stenos)جنھن جي معني آهي سوڙھو يا مختصر ؛ ۽ گرافين (graphein) جنھن جي معني آهي لکڻ.عام طور تي اکرن کي پاڻ۾ملائي لکڻ جي طريقي کي لانگ ھينڊ (long hand) چئبو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي