اڇو سيمنٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڇو سيمنٽ :(White Cement) ھيءُ سيمينٽ لوھ جي آڪسائيڊ (Iron Oxide) ۽ ٻين اھڙين ناقص خرابين کان پاڪ ۽ صاف ھوندو آھي ۽ چن واري پٿر (Chalk or Carboniferous Lime Stone) يا چيني مٽيءَ (Chine Clay) مان ٺاھيو ويندو آھي.

انھن کان علاوه تازو ايجاد ڪيل سيمينٽ تازو ايجاد ڪيل سلئگ سيمينٽ (Slag Cement) جنھن جون خاصيتون ۽ ڪيميائي عمل عام رواجي سيمينٽ جھڙيون آھن، استعمال ڪيو ويندو آھي. ھن قسم جي سيمينٽ استعمال ڪرڻ ۾ صرف ترائي ڪجھھ وقت وڌيڪ (14 کان 21 ڏينھن) ڪرڻي پوي ٿي ۽ ھيءُ عام پورٽلئنڊ سيمينٽ کان سستو آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو