اڇو جيرو
جِيري جو هڪ قسم، جيڪو پسارڪي وکر طور ڪم اچي. -ان- کي اردوءَ ۾ ’ذيره‘ چون. هيءُ هڪ خوشبودار ميرانجهڙي رنگ جو -ٻج- آهي، جنهن لاءِ حڪيمن جو چوڻ آهي ته -ان- کي گهوٽي پياربو ته پيشاب -جاري- ڪندو. اُڃ ۽ رت جي جوشِ کي گهٽائيندو آهي. ۽ ٻين به ڪن بيمارين ۾ ڪم آڻبو آهي. هيءُ عام رڌڻي ۾ مصالحي طور پڻ استعمال ٿيندو آهي.[1]
طب[سنواريو]
جيرو اڇو: نالا: ع. ڪمون ابيض، ف. زيره سفيد، هه. وغيره___ زيرا ۽ جامع اللخم. اثر: گرم خشڪ، نقصان: دماغ کي، ميل: ننڍا ڦوٽا، عيوض: ڪاسني، وزن: ٽن کان پنج ماسا. سڃاڻپ: ميرانجهڙي رنگ جو ٻج آهي، هن کي گهوٽي پياربو ته پيشاب جاري ڪندو، اُڃ، صفرا ۽ رت جي جوش کي گهٽائيندو، مثاني جي پٿري، رائي ۽ مثاني جي ڦٽ، پرميل، صفراوي تپن، ٻرهل، يرقان، جگر جي گرمي ۽ رت صفا ڪرڻ لاءِ مفيد آهي.[2]،
حوالا[سنواريو]
- ↑ اڇو جيرو : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو