اڇ
ڏيک
ٽنڊي باگي تعلقي ۾ هڪ ديھ۽ هڪ ڳوٺ. ٽنڊي باگي کان چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي. هن ڳوٺ جي مشهور شخصيت پير علي -بهادر- شاهه آهي، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر به رهندو آيو آهي. هيءُ ڳوٺ درگاهه شاهه طُريل کان به چئن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ميين موسيٰ ۽ شيخ ڀريي جون درگاهون به هتان چئن پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهن. ريلوي -اسٽيشن- پَلهه کان به هتي پهچي سگهبو آهي. ٽنڊي محمد خان تعلقي ۾ ’اَڇَ‘ جي نالي سان هڪ ڍنڍ به آهي.[1]