اڄڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اُڄَڻُ هڪ سنڌي مسلمانن جي ذات آهي جيڪي سنڌ صوبي جي شهرن اڪثر ڪري سکر،گمبٽ،خيرپورميرپوخاص، ضلعي مٽياري ، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن يا ضلعن ۾ به رهن ٿا

اڄڻ قوم جي تاريخ جي متعلق ڪي ٺوس ثبوت تاريخ دانن کي ناهن ملي سگهيا صرف ايترو مشهور آهي ته پراڻي زماني ۾ هڪ بادشاھ هيو جنهن جا ست پٽ هيا انهن ستن جي اولاد مان ست قومون ٿيون، جن منجهان بادشاھ جي آخري پٽ جو نالو اڄڻ هيو جنهن جي اولاد اڄ اڄڻ سڏائيندي آهي.

اڄڻ قوم ڏاڍي ترقي ۽ تنزلي جا زمانا ڏٺا، هن وقت هن قوم وڏي ترقي ڪئي آهي، پهرين زماني ۾ پورهيت ۽ مال چارڻ هن قوم جو وڏو معاش جو ذريعو هيو.

اڄڻ قوم زياده ڳوٺن ۾ رهي ٿي ۽ اڄڻ قوم هڪ سادي طبيعت جي قوم آهي جهيڙي ۽ جهڳڙي کان پري رهڻ ان جي ماڻهن کي پسند آهي اڄڻ قوم لاءِ هڪ چوڻي مشهور آهي (اڄڻ سڀن جا سڄڻ) اڄڻ قوم جي زياده آبادي ضلعي خيرپور ميرس ۾ رهي ٿي،

اڄڻ قوم جي سڀ وڌيڪ مشهور شخصيت ميان چنيه فقير آهي جن کي سچل سرمست ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جي طرفان فيض مليو هيو

تعلقي گمبٽ جي ننڍي شهر کھڙا شريف ۾ چنيه فقير جي وڏي درگاھ موجود آهي ، جتي روزانو هزارين عقيدت مندن اچي پنهنجي من جون مرادون ماڻن ٿا.

سندن سائين چنيه فقير اڄڻ جي اولاد کي اڄڻ پنهنجو سردار ڪري مڃيندا آهن ۽ اڄڻ قوم جا سڀ فيصلا سائين جي درگاھ تي حل ڪيا ويندا آهن.


[اڄڻ قوم جي باري م مڪمل معلومات لاء يوٽيوب ۽ فيس بڪ تي سرچ ڪيو: AQ Sindhi]