اڀيري (راڳڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڀيري آساوري ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي جنھن جي آروھيءَ ۾ رکب ۽ ڌيوت ورج آھن. امروھي سمپورن اٿس هن راڳ جي شڪل ڀيم پلاسي سان گهڻو ملندڙ آھي. پر ڀيم پلاسي ۾ ڌيوت تيور آھي اڀيري ۾ ڪومل.

ھن راڳڻي جي آروھي: سا گا ما پا نا سَا ۽ امروھي: سَا نا ڌا پا ما گا ري سَا آهي، جڏهن تہ وادي سُر مڌم ۽ سموادي نکاد، جڏھن تہ ڳائڻ جو وقت منجهند آھي.[1]

حوالا[سنواريو]