مواد ڏانھن هلو

اٿي اور الله سان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ڪتاب سنڌ جي عظيم شاعر شيخ -اياز- جو آهي، جنهن ۾ 94 نثري نظم/ ٽڪرا، دعائن جي روپ ۾ آهن، -جن- ۾ شاعر، مالڪ سان مخاطب ٿي، ساڻس پنهنجي دلي ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو آهي. ’-اور- -الله- سان'>-اٿي -اور- -الله- سان-‘ جي عنوان هيٺ ڏيڍ سؤ -بيت- به شامل آهن. شيخ -اياز- جون هي دعائون روزانه ”-برسات-“ ڪراچي ۾ شايع ٿيون. ڪتاب جي مهاڳ ۾ -اياز- پنهنجي دعائن بابت لکي ٿو ته: ”هي دعائون پوري -انسان- ذات لاءِ آهن، انهن ۾ نه بغض آهي، نه نفرت ۽ نه ڪنهن فرقي يا قوم سان عداوت جو اظهار آهي، اهي هر ڪنهن لاءِ آهن ۽ انهن کي ڪو به خطيبانه پهلو نه آهي. نظرياتي طور مان -تصوف- جي وحدت الوجود جو قائل آهيان. عطار، رومي، عمر خيام، سرمد، حسين -بن- منصور حلاج ۽ پنهنجي ڀٽائيءَ کان متاثر آهيان، جنهن نه رڳو سنڌ لاءِ سڪار گهريو هو، پر پوري عالم لاءِ دعا گهري هئائين ته اهو -آباد- رهي.“ شيخ -اياز- جون هي دعائون ”نغمه دائود“ ۽ -ٽئگور- جي گيتا نجلي وارن نظمن جهڙيون آهن. ڪجهه مثال:

يا رب!

هي ساري ڪائنات تو ۾ آهي ۽ تون -انسان- جي دل ۾ آهين،

تون مون ۾ آهين، جيئن آئيني ۾ عڪس هوندو آهي.

يا رب!

مون کي پنهنجي آغوش ۾ رک، مون -تان- دستِ شفقت نه هٽاءِ ۽ پنهنجي موجودگيءَ جي احساس کان سواءِ ٻيا احساس منهنجي ويجهو اچڻ نه ڏي!

هن ڪتاب جا چار ڇاپا شايع ٿيا آهن، پهريون ڇاپو -جنوري- 1998ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور شايع ڪيو هو ۽ هي چوٿون ڇاپو، -آڪٽوبر- 2009ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران شايع ٿيو آهي. پڪي جلد سان 268 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 رپيا آهي .[1]

حوالا

[سنواريو]