مواد ڏانھن هلو

اپسرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٻارھين صدي جو ٺاھيل انڊيا جي اتر پرديش ۾ اپسرا جو ريتيلي پٿر جو مجسمو

اپسرا: apsara: آڪسفورڊ ڊڪشنري مطابق apsaras ۽ جمع apsarases پاڻي ۽ ڪڪرن جي مخلوق جنھن جو ذڪر ھندو ڏندڪٿائن ۽ ٻڌن جي ثقافت ۾ ٿيل آھي.[1] انھن جا ٻہ قسم ڏيکاريل آھن لوڪيڪا جن جو تعداد چوٽيھ آهي ، ۽ ٻيو قسم ديويڪا جن جو تعداد ڏھ آھي.[2] ارواسي، ميناڪا، رمڀا، تلوتما، ڀردواج انھن ۾ ناليواريون اپسرائون آھن[3] اپسرا کي همت ٻولي ۾ وڌياڌاري vidhya dhari يا تيپ اپسر tep apsar (ទេពអប្សរ) ، پالي ۾ اڪچرا accharā'، ويٽنامي ۾ بوسالاتو bố sa la tư، انڊونيشيائي ٻولي ۾ بداداري bidadari ، ملائي ۾ براد دالي biraddali، انگريزيءَ ۾ nymph چوندا آهن. ھندو ڏند ڪٿا مطابق اپسرا ھڪ خوبصورت ، روحاني عورت جو نالو آهي جيڪا جوان ۽ رقص جي ھنرن جي ماھر ھوندي آھي. آھي اڪثر اندر ديوتا جي درٻاري موسيقار گنڌارا جون زالون سڏبيون آهن. ديوتائن جي محلن ۾ گنڌاروا جي موسيقيءَ تي اھي رقص ڪنديون آهن ۽ ديوتائن جي دل وندرائينديون آھن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ديوتائن ۽ انسانن کي جنسي طور تي ھرکائينديون بہ آھن. اھي آسمان ۾ رھنديون آھن ۽ ملائڪن وانگر اڏامنديون آھن.اھي پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجو روپ بدلائي سگھنديون آهن. جوئا يا راند ۾ قسمت جي ڦيري تي بہ قادر ھونديون آھن[2] آڳاٽا لوڪ وسهندا هئا ته حورون يا پريون به آهن – انهن کي ”اَپسرائون“ (اپڇرائون) سڏيندا هئا. اپسرائن بابت وسهندا هئا ته انهن کي پاڻيءَ ۾ تڙڳڻ وڻندو آهي، تنهنڪري مٿن اهو نالو رکيائون. ”اپ“ معنيٰ پاڻي ۽ ”سر“ معنيٰ سرڻ يا چرڻ، جنهنڪري اپسرا معنيٰ پاڻيءَ ۾ سرندڙ يا تڙڳندڙ.[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. Apsara | Indian religion and mythology | Britannica.com
  2. 1 2 Chisholm, Hugh, مرتب (1911). "Apsaras" . Encyclopædia Britannica. جلد 2 (11th ڇاپو). Cambridge University Press. ص. 231.
  3. Gopal, Madan (1990). K.S. Gautam (مرتب). India through the ages. Publication Division, Ministry of Information and Broadcasting, Government of India. ص. 68.
  4. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page31.html#_ftnref1. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)