اٺ پکي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اٺ پکي نر ۽ مادي

اٺ پکي سڀ کان وڏو پکي آهي، دنيا ۾ موجود پکين ۾ اٺ پکي سڀ کان ڊگهو آهي ۔ عام طور تي اٺ پکي جو قد ڇهه کان اٺ فٽ هوندو آهي۔ هن جي ڊگهائي ۾ نمايان حصو هن جي چيلهه ۽ ٽنگن جو هوندو آهي۔ عام طور تي هن جو وزن وزن ٻه سو کا ٽي سو پائونڊ يا هڪ سو يا هڪ سو پنجاهه ڪلو گرام هوندو آهي۔ هن جا پر ڪمزور هوندا آهن۔ وزني جسم هجڻ جي ڪري هي پکي هجڻ جي باوجود اڏري نٿو سگهي. قدرت هن ڪمزوري جي بدلي ۾ هن کي تمام مضبوط ٽنگون عطا ڪيون آهن ، جن سان هي بي حد تيز ڊڪي سگهي ٿو۔ عام طور تي هن جي رفتار ٽيهه کان پنجٽيهه ميل في ڪلاڪ هوندي آهي۔ هيءُ پکيءَ جو هڪ قسم آهي، پر هن جون ٽنگون ۽ ڳچي ڊگهي هئڻ ۽ وزن ۾ ڳرو هئڻ سبب هن کي ’-اٺ-‘ سان -تشبيهه- ڏيندي، ’-اٺ پکي-‘ چيو ويندو آهي. فارسيءَ ۾ هن کي ’شتر مرغ‘ چوندا آهن. ماڻهو هن تي سواري به ڪندا آهن. حڪيمن موجب طبي لحاظ کان هن جو گوشت دير هضم ۽ نقصان ڏيندڙ آهي. البته ڪن بيمارين ۾ -ان- جو استعمال ڪرايو ويندو آهي. -جن- ۾ چٽي، نانگ جو ڏنگ وغيره شامل آهن.[1][2]اٺ پکي جي مادي هڪ وقت ۾ ڏهه کان ٻارنهن آنا ڏيندي آهي۔ هڪ آني جو وزن تقريبن ٽي پائونڊ يعني ڏيڍ ڪلو گرام هوندو آهي. دنيا ۾ موجود تمام پکين ۾ اٺ پکي جو آنو سڀ کان وڏو ۽ وزني هوندو آهي.

حوالا[سنواريو]