اٺا مينھن ملير
ڏيک
هيءُ ڪتاب 1976ع ۾ ميرپورخاص ۾ ملهايل جشن ’سنڌ صدين کان‘ جي ڪارگذاري ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي تعارف تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مرتب نفيس احمد ناشاد آهي. 243 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ’ٿرپارڪر ڊسٽرڪٽ ڪلچر ائسوسيئيشن‘ پاران نومبر1975ع ۾ پهريون دفعو ڇپرايو ويو، جنهن جي قيمت 20 روپيا آهي. ڪتاب جا 2 ڀاڱا آهن. پهرئين ڀاڱي ۾ جشن ۾ پڙهيل مقالا ۽ تقريرون ڏنل آهن ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ ٿرپارڪر ضلعي جو مفصل تعارف ڏنل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اٺا مينهن ملير : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2020-05-30 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-20 تي حاصل ڪيل