اُٻاوڙي طرت جي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پنو عاقل، گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو ۽ اٻاوڙو جيتوڻيڪ سکر ضلعي ۾ آهن، ته به انهن هنڌن جي ٻولي سکر ۽ روهڙيءَ کان ڪجهه قدر علحدي آهي ۽ شڪارپور جي ٻوليءَ وارو ميٺاج منجهس ڪونهي؛ باقي اچار چٽا اٿس.

ٻوليءَ جي نموني لاءِ هڪ مثال ڏجي ٿو: ’هڪڙي جا سمهي مٿي، ٻي جا پوي ٽيڙ، ته نه چڙهندو به چڙهي‘- يعني هڪڙي ڳالهه ته مٿي (کڏ تي يا پيهي تي) سمهي ٿي، ۽ ٻي ڳالهه ته ٽيڙ يعني ماڪ پوي ٿي، تنهنڪري (تپ) جيڪڏهن نه چڙهڻو هوندس، ته به چڙهندس. هيءَ ڪَچي ٻولي چئبي جو جملو ئي اڻپورو آهي. ’تپ‘ لفظ ڪم آيل ڪونهي، تنهنڪري جيڪڏهن جملي جو مطلب نه ڏجي ها، ته گهڻن کي جيڪر سمجهڻ ۾ ئي ڪين اچي ها. ٻي ڳالهه ته مٿئين جملي ۾ ’چڙهندو‘ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته اُڀي جي ٻوليءَ جو اُٻاوڙي طرف جي سنڌيءَ تي اثر ٿيو آهي. اهو اثر اتي جي مسلمانن جي ٻوليءَ تي هيڪاري وڌيڪ ٿيو آهي، جي، ’هلنداسين‘ بدران چون ’ڄُلنداسين‘ ۽ ’هوري هوري‘ بدران چون ’هولي هولي‘ يعني هوريا هوريا يا آهستي آهستي، اچار به بگڙيل اٿن- جهڙوڪ: چون ته ’هو ماڻهو ڳڙ پٽندو به وڃي، ته کَئندو به وڃي‘، يعني ڳڙ پٽيندو به وڃي ته کائيندو به وڃي. ’پٽيندو‘ بدران چون ’پٽندو‘. پ ۽ ٽ ٻنهي جي مٿان زبر، ۽ ’کائيندو‘ بدران چون ’کئندو‘(ک جي مٿان زبر ۽ همزي مٿان پيش). ڪيترا مسلمان ساڳي ئي جملي ۾ اڌ سنڌي ته اڌ اُڀي جي ٻولي ڪم آڻين ٿا- جهڙوڪ: چون ته ’آءٌ پيو تو کي ڳوليان‘، تون اِتي کڙوئي‘، يعني مان پيو تو کي ڳوليان، تون اِتي بيٺو آهين. جيئن بهاولپور طرف وڃبو تيئن اُڀي جي ٻوليءَ جو اثر هيڪاري وڌيڪ معلوم ٿيندو.[1]

حوالا[سنواريو]