اُسرندڙ وڏيون منڊيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اُسرندڙ وڏيون منڊيون يا پڙيون يا 'بِگ اِيمرجنگ مارڪٽس (انگريزي ٻولي: Big Emerging Markets, BEMs) هڪ اقتصادي اصطلاح آهي. 1944ع ۾ آمريڪا جي واپار واري کاتي ڏهن ملڪن (چين، انڊونيشيا، انڊيا، ڏکڻ ڪوريا، ميڪسيڪو، ارجنٽائن، برازيل، ڏکڻ آفريقا، پولينڊ ۽ ترڪي) کي بين الاقوامي معاشي سرگرمين لاءِ هاڪاري مُلڪ ڄاڻائيندي کين ”تيزيءَ سان اڀرندڙ ملڪ“ قرار ڏنو. هنن ملڪن جي معاشي ترقي سندن پرڏيهي پاليسيءَ ۽ عالمي برادريءَ سان سرگرم ناتن تي تمام گهڻو مثبت اثر وڌو آهي. آمريڪا جي وضاحت مطابق اهي ملڪ ”ٽين دنيا“ جي فهرست مان نڪري چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته ”ٽين دُنيا“ جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ هنن ملڪن جي معاشي ۽ سماجي حالت تمام گهڻي سڌري چڪي آهي. هنن مُلڪن پنهنجي پورهيي، بهتر حڪومتي نظام ۽ مُناسب پاليسين سبب اولهه جي گهڻن مُلڪن/ ماهرن کي پنهنجي شاندار ترقيءَ ذريعي حيران ڪري ڇڏيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]