اُتر ڏکڻ علائقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بين الاقوامي لاڳاپن ۾ اُتر ڏکڻ علائقن جو اصطلاح خاص طور امير ملڪن ۽ غريب ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيل اقتصادي وٿيءَ کي ظاهر ڪندو آهي. جيئن ته اُتر قُطب جا ملڪ گهڻو ڪري اُسريل ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ڏکڻ قُطب جي ملڪن کان اڳتي آهن، ان ڪري اتر جي ملڪن مان مراد ترقي ڪيل يا اسريل ملڪ آهن. جڏهن ته ڏکڻ جي ملڪن مان مراد پٺتي پيل اُهي ملڪ آهن، جيڪي غربت ۽ تڪليف واري زندگي گُذاريندي، اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ گهڻو پُٺتي پيل آهن. ان فرق خلاف 1960ع جي ڏهاڪي کانپوءِ ڏکڻ جي ملڪن اُتر وارن تي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو. ان ڏس ۾ خاص ڪري گڏيل قومن جي پليٽفارم کي به ڪتب آندو ويو. سندن دٻاءَ جي ڪري ”گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقيءَ واري ڪانفرنس“ (UNCTAD) جو وجود پيو. ان کانپوءِ OPEC جي صورت ۾ 1970ع جي ڏهاڪي ۾ گهٽ اُسريل ملڪن کي پنهنجا مطالبا مڃائڻ لاءِ هڪڙو نئون فورم يا منڊل مليو. وقت گذرڻ سان هن اصطلاح جي اهميت گهٽي آهي، ڇاڪاڻ جو هاڻي ڏکڻ سان لاڳاپيل مُلڪن اُتر ڏانهن مدد لاءِ نهارڻ بدران، پنهنجي اندروني سرشتي کي سُڌارڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آهن. اولهه جي اُتر قُطب وارن ملڪن ۽ ڏکڻ جي آفريقي، ايشيائي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن جي وچ ۾ وسيلن آمدني، دولت، طاقت ۾ وڌيل فرق کي اُتر ڏکڻ وڇوٽي (North South Gap) چيو ويندو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد