اُتر آمريڪا آزاد واپار ٺاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


اُتر آمريڪا آزاد واپاري ٺاهه (Utar Aamreeka Aazaad Wapaari Thhaah) يا نارٿ امريڪن فري ٽريڊ اگريمينٽ (انگريزي ٻولي: North American Free Trade Agreement NAFTA) آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو وچ ۾ 1991ع کان 1993ع تائين هليل ڳالهين ۾ طئي ٿيل ٺاهه، جيڪو 1 جنوري 1994ع تي عمل ۾ آيو. هن ٺاهه جا بُنياد ان کان اڳ 1 جنوري 1989ع ۾ آمريڪا ۽ ڪئناڊا وچ ۾ موجود آزاد واپاري ٺاهه (Accord) تي بيٺل آهن. ان ۾ ميڪسيڪو به ساڳين شرطن تي شامل آهي. هن ٺاهه تحت ميڪسيڪو ۾ ٺهندڙ 80 سيڪڙو شيون آمريڪا موڪليون وينديون آهن، جن کي خريدڻ کان انڪار ٻنهي ملڪن جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ هڻي سگهي ٿو. تنهنڪري هاڻي ميسڪيڪو جي سياسي قيادت لاءِ NAFTA جو ٻيو مطلب ، سندس مُلڪ جي ترقي ۽ سلامتيءَ جي آمريڪا طرفان ڏنل خاطريءَ جو واعدو آهي. هن ٺاهه جي ڪري 1840ع کان آمريڪا طرفان لاڳيتو جاري ميڪسيڪو جي واپاري استحصال جو خاتمو آيو ۽ سندس مال کي قانوني تحفظ مليو. ڪئناڊا، جيڪو ان کان اڳ ڪئناڊا ۽ آمريڪي آزاد واپار جي ٻه- رُڪني معاهدي (CAFTA) جو حصو هُئو، تنهن آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ هلندڙ (جون 1990ع) مُذڪرات ۾ شامل ٿي، ان کي ٽه-ڌُريو بڻايو. سياسي طور ڪئناڊا گهڻي قدر آمريڪا جي ٽيڪ تي هلي ٿو، تنهنڪري ٻيو ڪو رستو نه هئڻ ڪري سدائين آمريڪا سان واپاري ناتن کي اهميت ڏيندو آهي. هن ٺاهه جي آمريڪا ۾ روزگار ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل تنظيمن سخت مخالفت ڪئي. ساڳئي وقت ٻيون لاطيني آمريڪي رياستون به هن ٺاهه بابت ناپسنديدگيءَ ظاهر ڪري چُڪيون آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد