ايگراماٽزم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايگراماٽزم (انگريزي: Agrammatism) هڪ قسم جي نفسياتي ۽ لسانياتي خرابي آهي جنهن ۾ مريض کي گرامر جي استعمال ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. اِن کي گرامري گونگاڻ پڻ چئي سگهجي ٿو. هي بيماري گهڻو ڪري فالج جي ڪري پيدا ٿيندي آهي. هن بيماريءَ جي ڪري مريض صحيح گرامر سان ڳالھ نه ڪري سگهندو آهي، بلڪه ننڍا ننڍا جملا ڳالهائيندو آهي ۽ آهستي ڳالھ ڪندو آهي. مريض اسمن ۽ فعلن جو گهڻو استعمال ڪندو آهي.