ايڪو پاليٽڪس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وايو منڊل يا ماحول جو توازن يا ايڪالاجي/ ايڪوپاليٽڪس (انگريزي ٻولي: Ecology- Eco-Politicsانسان ذات ۽ اُن جي آسپاس موجود ساهوارن ۽ ماحول جي وچ ۾ لاڳاپي جي اڀياس کي ”ماحولياتي اڀياس يا علم“ سڏيو وڃي ٿو. هن علم تحت وڌندڙ ٽيڪنيڪي فني ايجادن ۽ انساني آباديءَ سبب، ماحول تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۽ ٻي جيوت لاءِ وڌندڙ هاڃن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ يا اُپاءَ وٺڻ جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح ماحولياتي سياست ذريعي انسان ۽ ماحول جي هڪٻئي سان لاڳاپي جي عملي سياست ۽ بين الاقوامي لاڳاپن تي پوندڙ اثرن جو اڀياس ڪبو آهي. هي نظريو نئون آهي ۽ 1971ع ۾ مشهور سياسي دانشورن هيرلڊ ۽ مارگريٽ اسپرائوٽ جي علمي ڪاوش، دُنيا جي گولي سان لاڳاپيل سياست بابت (Towards a Politics of the Planet Earth) ذريعي تفصيل سان پڌرو ڪيو ويو. خوراڪ ۽ ٻين وسيلن جي اڻاٺ، ماحولياتي تباهي، ماحولياتي تبديلي، سمنڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال، سامونڊي مٿاڇري، ڀرپاسي ۽ اوسي پاسي جي ماحول ۽ پولار سميت ڪيترائي موضوع هن علم جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ انهن جو سياست تي وڏو اثر ٿئي ٿو. اُهي وسيلا جيڪي سڄي دنيا جي ملڪيت (Global Commons) آهن ۽ جن جي تباهيءَ جي ڪري، سڄي دُنيا تي اثر پون ٿا، اِن علم ۾ اُنهن جي اهميت ۽ پولار جي بچاءَ جي تمام گهڻي وڪالت ڪئي وئي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]