ايڇ ٽي لئمبرڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھيوگ ٽريوور لئمبرڪ (انگريزي: Hugh Trevor Lambrick ) برطانيا سان تعلق رکندڙ انڊين سول سروس جو ملازم ، قديم آثارن جو ماھر، مؤرخ ۽ منتظم 20 اپريل 1904 ۾ انگلينڊ جي ايسٽ مڊلينڊ واري خطي جي ڊربي شائر ڪائونٽي جي شارڊلو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ 1982 ۾ 78 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. ھي 1927 کان 1947 تائين انڊين سول سروس[1] ۾ ڪم ڪيو ۽ گھڻي ڀاڱي ھن سنڌ ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪمشنر جي عھدي تي پڻ رھيو جتي ھن قديم آثارن متعلق تحقيق پڻ ڪئي[1].ھي موئن جي دڙي تي تحقيق جي ڪري مشھور ٿيو ھو[2].سول سروس کان فارغ ٿيڻ بعد ھي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اوريئل ڪاليج جو فيلو ۽ مؤرخ بڻيو جتي ھن 1951 کان 1971 تائين نوڪري ڪئي[1].جنهن زماني ۾ لئمبرڪ سنڌ ۾آءِ. سي. ايس. آفيسر هوندو هو، تنهن زماني ۾ به هو هتان جي تاريخ، جاگرافي ۽ آثار قديمه ۾ وڏي دلچسپي وٺندو هو. هونئن ته پاڻ انهن انگريز عملدارن مان هو، جن کي صحيح معنيٰ ۾ ”برطانوي بادشاهت جا معمار“ ڪوٺيو ويو آهي، پر ڪن نفسياتي سببن جي ڪري کيس سنڌ لاءِ محبت هئي، سندس خاندان جي تاريخ ڏسڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته 1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي هئي. تڏهن لئمبرڪ جي ڪن وڏن سنڌ ۾ نوڪريون ڪيون هيون. سندس نانو 1889ع ۾ سنڌ جو ڪمشنر هو. خود لئمبرڪ پاڻ به 1927ع کان 1946ع تائين سنڌ ۾ ڪيترن ئي اهم انتظامي عهدن تي فائز رهيو. انهيءَ پس منظر ۾ ڏسبو ته ڳالهه سمجهه ۾اچي ويندي ته لئمبرڪ کي ڇا جي ڪري سنڌ سان محبت هئي.[3].سنڌ ۾ نوڪري ڪندي لئمبرڪ سنڌي زبان تي به چڱي مهارت حاصل ڪئي هئي، جنهن جي ڪري به سنڌ ۽ ان جي رهاڪن کي سمجهڻ ۾ کيس آساني ٿي هوندي.[3]. پاڻ حرن جي تحريڪ وقت مارشل لا ايڊمنسٽريٽر رھيو. جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ رھيو. بلوچي ٻولي پڻ سمجھندو ۽ ڳالھائيندو ھو. شڪار دوران ھڪ بھترين توبچي پڻ ھيو.[3].سال 1968ع ۾ سندس گهر واري گذاري ويئي، هن سندس وڏو ساٿ ڏنو هو ۽ ڪتابن لکڻ ۾ مدد ڪندي هئس. مسودن کي ٽائيپ ڪرڻ جو سمورو ڪم ته هوءَ ئي ڪندي هئي.[3].

سنڌي ادبي بورڊ سان ناتو[سنواريو]

سنه 1952ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ کي سنڌ جي تاريخ جا پهريان ٻه جلد لکڻ جو ڪم سونپيو هو. انهيءَ سبب سان، لئمبرڪ جو بورڊ سان پورا پنجويهه ورهيه تعلق رهيو. تن ڏينهن ۾ لئمبرڪ انڊين سول سروس مان رٽاير ڪرڻ بعد آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي اوريل ڪاليج ۾ فيلو مقرر ٿيو هو، جتي هو پنهنجي واندڪائي جو وقت، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ۽ تصنيف ۾ صرف ڪندو هو. هن بورڊ جي آڇ خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ اطلاع ڏنائين ته سنڌ تي سندس اهم ڪتاب ”سر چارلس نيپئر ۽ سنڌ“ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي [3] .

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 Cook, C. (2012). The Routledge Guide to British Political Archives: Sources since 1945. Taylor & Francis. p. 118. ISBN 9781136509612. https://books.google.com/books?id=k89anpKEY6YC&pg=PA118. Retrieved 2017-01-08. 
  2. Publishing, B.E.; Pletcher, K. (2010). The History of India. Rosen Publishing Group, Incorporated. p. 43. ISBN 9781615302017. https://books.google.com/books?id=hdmcAAAAQBAJ&pg=PA43. Retrieved 2017-01-08. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 (لئمبرڪ جي حياتيءَ جو احوال: غلام رباني آگرو): ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو