مواد ڏانھن هلو

ايٽمي مايو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انگن جي مٿيان لکت ۽ ھيٺيان لکت جي وضاحت
ليٿيم-7 ايٽم ۾ 3 پروٽان، 4 نيوٽران ۽ 3 اليڪٽران آهن (اليڪٽران جو مايو نيوڪليس جي ماس جو 1⁄4300 هوندو آهي). ان جو مايو 7.016 Da (Daltons) آهي. ناياب ليٿيم-6 (مايو: 6.015 Da) ۾ صرف 3 نيوٽران آهن، جيڪو ليٿيم جي ايٽم جي سراسري وزن کي 6.941 Da تائين گهٽائي ٿو

ايٽمي مايو (Atomic mass) (ma or m) ڪنهن به ڪيميائي تت جي هڪ ايٽم جو مايو آهي. ايٽمي مايو گهڻو ڪري نيوڪليس ۾ موجود پروٽان ۽ نيوٽران جي گڏيل ماس مان ايندو آهي، ۽ اليڪٽران جي ماس ۽ نيوڪليئر بائنڊنگ توانائي جو به معمولي حصو هوندو آهي.[1] عنصر جي ايٽم، آئن يا ايٽمي نيوڪليس جو ايٽمي مايو انهن جي پروٽان، نيوٽران ۽ اليڪٽران جي ماس جي مجموعي کان ٿورو گهٽ هوندو آهي. (E = mc2 جي حساب سان ماس-توانائي جي تبديلي جي ڪري).

ايٽمي مايو اڪثر ڪري ڊالٽن (Da) يا گڏيل ايٽمي ماس يونٽ (u) ۾ ماپيو ويندو آهي. هڪ ڊالٽن ڪاربن-12 ايٽم جي ماس جي ٻارهين حصي (1⁄12) جي برابر هوندو آهي. تنهن ڪري، ايٽمي ماس جي عددي قدر جڏهن ڊالٽن ۾ ظاهر ڪئي ويندي آهي ته ماس نمبر جي لڳ ڀڳ ساڳي قدر هوندي آهي.

هڪ ايٽمي مايو يونٽ (m.u) جي قدر 1.660539066 ×10^-27 ڪلوگرام () [2] آهي. ڊالٽن ۾ ماس ۽ ڪلوگرام ۾ ماس جي وچ ۾ فرق ايٽمي ماس مستقل (mu) استعمال ڪندي معلوم ٿي سگهجي ٿي.[3]

ايٽمي مايو نمبر

[سنواريو]

ايٽمي مايو نمبر (Atomic Mass Number)، سائنسي نشان (A)، هڪ ڪيميائي تت جي ايٽم جي نيوڪليس ۾ موجود پروٽانن ۽ نيوٽرانن جي گڏيل تعداد آهي. ڪنهن به تت جي هڪ ايٽم جو مايو هن نمبر جي ايٽمي مايو اڪائين (Atomic Mass Unit) جي برابر هوندو آهي. ايٽمي مايو اڪائي (Atomic Mass Unit)، جنهن کي مختصر طور تي a.m.u لکبو آهي، هڪ پروٽان يا نيوٽران جو مايو هوندو آهي، جيڪا 10^-23 آهي. مثال طور آڪسيجن جو ايٽمي مايو نمبر 16.25 آهي. هن جو معني اڪسيجن جي هڪ ايٽم جو مايو 16.25 amu آهي.

نسبتي آئسوٽوپ مايو

[سنواريو]

ساڳئي ايٽمي نمبر (Z) رکندڙ پر مختلف ايٽمي مايو يا مايو نمبر (A( رکندڙ عنصرن کي آئسوٽوپ چيو ويندو آهي.

نسبتي آئسوٽوپ مايو هڪ آئسوٽوپ جي ايٽمي ماس ma کي ايٽمي ماس ڪانسٽنٽ mu سان ورهائي حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح، ڪاربن-12 ايٽم جو ايٽمي مايو تعريف جي لحاظ کان 12 Da (ڊالٽن) آهي، پر ڪاربن-12 ايٽم جو نسبتي آئسوٽوپ مايو صرف 12 آهي.

ايٽمي ماس جو ماپ

[سنواريو]

ايٽمي ۽ ماليڪيولر ماس جي وچ ۾ تعلق

[سنواريو]

تاريخ

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]



حوالا

[سنواريو]
  1. "DOE Explains...Nuclei", Energy.gov (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 13 اپريل 2023۔ 
  2. سانچو:GoldBookRef
  3. Peter J. Mohr, Barry N. Taylor (20 مئي 2019), "NIST Standard Reference Database 121. Fundamental Physical Constants. atomic mass constant", The NIST reference on constants, Units and Uncertainty., National Institute of Standards and Technology, اصل کان 22 مارچ 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 ڊسمبر 2019۔